سنڌ ۾ راشي ڪامورن لاءِ شامت، 100 کان وڌيڪ آفيسر گرفتار ڪرڻ جي منظوري

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ڪميٽي سنڌ جي 100 راشي ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن ڪميٽيءَ جو اجلاس چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺمنعقد ٿيو، اجلاس ۾ روينيو، آبپاشي، جهنگلي جيوت، تعليم، صحت، مڪاني ادارن ۽ ڪچي آبادي سميت مختلف کاتن جي 100 کان وڌيڪ ڪرپٽ ڪامورن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ڪميٽيءَ آڏو تفصيلي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته 100 آفيسر ۽ ڪامورا ڪرپشن، اقرباپروري ۽ اختيار اورانگهڻ ۾ ملوث آهن، جنهن بعد ڪميٽي انهن آفيسرن ۽ ڪامورن خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏني. ذريعن موجب آفيسرن ۾ سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻيا شامل آهن.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں