سلام آباڊ(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻو ناڻو واري وزير اسحاق ڊار ملڪ واپس ايندو ۽ پيسا به واپس ڪندو. اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين کي خطاب ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته الله وٽ دير آهي انڌير ناهي، اسحاق ڊار کان وڌيڪ سندس پيسن جو انتظار آهي جيڪي هو گڏ کڻي ويو هو. هن چيو ته اڳوڻو ناڻي وارو وزير واپس به ايندو ۽ پيسا به واپس ڪندو. مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف پنهنجي آخري اليڪشن وڙهي، ٻنهي جي سياست ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ آياسين ته خبر پئي 12 ارب ڊالر نه هجن ته اسان ڊيفالٽر ٿي وينداسين، پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ته ڊالر 128 رپين جو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چيلينج معيشت جو آهي، اصل سفر هاڻ شروع ٿي آهي، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، اسان جي پهرين ترجيح هئي ته ڏيوالو نڪرڻ واري خطري مان ڪيئن نڪرجي. فواد چوڌري چيو ته گذريل حڪومتن جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ هئي، حڪومت مني لانڊرنگ تي بندوبست شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ 2 وڏا مسئلا ڪرپشن ۽ ڪرپشن جو پيسو ٻاهر موڪلڻ هو، سنڌ جي حڪمرانن به ڪرپشن ڪئي ۽ پيسا ٻاهر موڪليا، سنڌ جون ڪهاڻيون به سامهون اچي رهيون آهن ته پيسو ٻاهر ڪيئن ويو. هن چيو ته احتساب جي ڳالهه تي مخالف ڌر مون کان ناراض ئي رهندي آهي، احتساب جي ڳالهه ڪيو ته مخالف ڌر ناراض زال جيان مائٽن ڏانهن هلي ويندي آهي. ٽيڪس ريٽرن جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ 11 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ريٽرن فائل ٿيا، هلندڙ سال 15 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ريٽرن فائل ٿي چڪا آهن، طويل عرصي بعد ٻيڻي انگ ۾ ٽيڪس وصول ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر ماڻهن کي ٽيڪس نيٺ ۾ آندو پيو وڃي، هن ڀيري ريڪارڊ ٽيڪس ريٽرنز جمع ٿيا ته مثبت اڳڀرائي آهي. امپورٽ ايڪسپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان هي سال ٻه ارب ڊالرن جا موبائيل فون گهرائيندا آهيون، امپورٽس جي حوصلا شڪني ڪري رهيا آهيون، جڏهن ايڪسپورٽس وڌيڪ ۽ امپورٽس گهٽ ٿيندي ته ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو. فواد چوڌري چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ جي اميج ۾ به بهتري آئي آهي. پاڪستان جو پرڏيهي امير بهتر ٿي رهيو آهي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ترجمان مولابخش چانڊئي چيو آهي ته وزيراعظم احتساب جي نالي تي پ پ جي قيادت کي ختم ڪرڻ گهري ٿو. نفيسا شاھ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولابخش چانڊيو چيو ته وزيراعظم ملڪ ۾ ٽڪراءُ ۽ ارڙهين ترميم جو خاتمو چاهي ٿو. هن حڪومت کي ٽڪراءُ کان پاسو ڪرڻ جي ڳالهه ٻولهه جي واٽ اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته جيڪو ڪجهه وزيراعظم ڪراڻ گهري ٿو سو نه ڪري سگهندو. هن سوال ڪيو ته چونڊون وقت کان اڳ ڇو؟ اوهان چونڊيا آهيو ته 5 سال حڪومت ڪريو، جڏهن وزيراعظم کي وقت کان اڳ چونڊون نظر اچن ٿيون ته آصف زرداري کي ڇو نه نظر اچن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مينهون وڪڻڻ ۽ بيدا ورهائڻ وسيلي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پ پ سينيٽر چيو ته پارليامينٽ ئي سمورن مسئلن جو حل هوندي آهي. سمورا معاملا پارليامينٽ ۾ آڻي عوام جي سامهون رکيا وڃن. نفيسا شاھ چيو ته نظر اچي پيو ته اپوزيشن جا هٿ پير ٻڌا پيا وڃن. ان سان ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ون پارٽي رول آندو پيو وڃي. ان موقعي تي نفيسا شاھ سوال ڪيو ته فواد چوڌري تي مخالفن جي گرفتارين بابت اڳواٽ خبر ڪيئن پهچي وڃي ٿي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟