ابوظهبي(م ڊ) پاڪستان جي سهڪار سان گڏيل عرب امارتن جي گاڌي واري هنڌ ابوظهبي ۾ افغان امن ڳالهيون ٻئي ڏينهن به جاري رهيون، جنهن ۾ طالبان سميت ڌرين ڳالهين وارو عمل جاريرکڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ذلمي خليل زاد ڳالهين جي اڳڀرائي تي افغان عملدارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ابوظهبي ۾ جاري افغان امن ڳالهين ۾ ڌرين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب طالبان پنهنجي شوريٰ سان ڳالهين بعد ٻيهر زلمي خليل زاد سان ملاقات جو مشورو ڏنو آهي ڳالهين ۾ آمريڪي ۽ نيٽو فورسز جي افغانستان ۾ مرحليوار واپسي جا معاملا به غور هيٺ آيا، افغانستان ۾ حڪومتي نظام ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون افغان پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ۽ افغانستان امن عمل ۾ پاڪستان جو عملي قدم آهي پاڪستان جو سهڪار فيصلي واري اهميت رکي ٿو. اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان، طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ابوظهبي ۾ ڳالهين ۾ مدد ڪئي ۽ دعا آهي ته ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ امن قائم ٿئي. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستان امن عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪندو رهندو، دعا آهي ته ڳالهين ذريعي افغان عوام جون ٽن ڏهاڪن کان جاري مشڪلاتون ختم ٿين. ياد رهي ته پاڪستان جي مدد سان گڏيل عرب رياستن جي گادي واري شهر ابوظهبي ڪالهه افغان امن ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ طالبان سميت ڌرين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ڳالهين ۾ شريڪ طالبان نمائندا پنهنجي شوريٰ سان ڳالهيون ڪندا ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻيهر آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد سان ملاقات ڪندا. ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان کانسواءِ اماراتي ۽ سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن پڻ حصو ورتو هو. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ ڪوششن بابت عالمي حمايت جي آجيان ڪئي آهي ۽ ان عمل جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ اهي ڪوششون هميشه جاري رهنديون. پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ عزم جي حوالي سان عالمي اعتراف جي آجيان ڪندي ان جي واکاڻ ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ خوشحال افغانستان جي تعمير ۽ پر امن پاڙيسري لاءِ ڪوششون جاري رهنديون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟