چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ملوث ايم ڪيو ايم جي خطرناڪ دهشتگرد ڪامران ماڌوري سميت 5 جوابدارن جي ضمانت منظور

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ ملوث ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽارگيٽ ڪلر ڪامران ماڌوري سميت 5 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ڪامران ماڌوري خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جن مان جوابدار ٽن ڪيسن ۾ رها آهي ۽ هڪ ۾ منع نامو ورتل آهي، جوابدار هن وقت به 4 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ جيل ۾ آهي ۽ مٿس قتل جا ڪيس به داخل آهن، تنهن ڪري ان جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي. ڪامران ماڌوري جي وڪيل چيو ته ان ڪيس ۾ منهنجي فريادي تي ڪو الزام ناهي، جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته جوابدار خطرناڪ دهشتگرد آهي، مٿس 11 مختلف ڪيس آهن، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت به چئني جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، تنهن ڪري هيءَ عدالت به انهن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري. پراسيڪيوشن جو چوڻ هو ته جوابدارن چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي اهلڪار توڙي شهري زخمي ٿيا، شاهدن مئجسٽريٽ سامهون جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي هئي. دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ڪامران ماڌوري سميت سهيل نديم آرائيم، محسن، عبدالسبحان ۽ علاءُ الدين جي ضمانت واري درخواست 5-5 لک رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں