برٽش ايئرويز 10 سالن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ٻيهر اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) برٽش ايئرويز 10 سالن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ٻيهر اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برٽس ايئرويز جي نمائندن جو اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته ايندڙ سال جون کان فلائيٽ آپريشن شروع ڪيو ويندو ۽ برٽس ايئرويز اسلام آباد کان هيٿرو لاءِ فلائيٽ آپريٽ ڪندي.  برٽش ايئرويز جي نمائندن موجب برٽس ايئرويز هفتي ۾ 3 فلائيٽ آپريٽ ڪندي، جڏهن ته ٻه طرفي ٽڪيٽ 499 پائونڊ ۾ دستياب هوندي. برٽش ايئرويز جي نمائندن چيو ته پاڪستان ۾ هوائي آپريشن لاءِ ٿري ڪلاس 787 ڊريم لائن جهاز استعمال ڪيا ويندا. برٽس ايئرويز جي هوائي آپريشن جي بحالي واري اعلان کانپوءِ برطانوي هاءِ ڪميشن ان حوالي سان پڌرنامو جاري ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برٽس ايئرويز جو 15 جون 2019ع کان لنڊن اسلام آباد اڏامن جي شروعات ٿيندي، جنهن لاءِ اڄ کان ٽڪيٽ بڪنگ جي شروعات ڪئي وئي آهي. پڌرنامي موجب هيٿرو کان اسلام آباد انٽرنيشل ايئرپورٽ ريٽرن فلائيٽ جو ڀاڙو 499 پائونڊ جڏهن ورلڊ ٽريولز ولس لاءِ ڪرايو 773 پائونڊ هوندو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪلب ورلڊ ڪلاس لاءِ ٻه طرفو ڪرايو 1799 پائونڊ هوندو. پڌرنامي موجب هيٿرو ايئرپورٽ ٽرمينل 5 ۽ نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ اوڏامن لاءِ استعمال ٿيندا جڏهن ته هوائي آپريشن لاءِ بوئنگ 787 ڊريم لائنز جون اڏامون هلايون وينديون. برٽش ايئرويز جي نمائندي رچرڊ ڪرائوڊر جو پريس ڪانفرنس دوران چوڻ هو ته برطانيا ۾ ڏيڍ ملين ماڻهن جون پاڙون پاڪستان ۾ آهن، پاڪستان آرمي ۽ عوام دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ان موقعي تي وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته اسان وڌ کان وڌ برطانوي واپار ۽ سيڙپڪاري پاڪستان ۾ چاهيون ٿا، ايئرپورٽ سان جاڙن شهرن تائين ٽرانسپورٽ سسٽم کي بهتر بڻايو ويندو ۽ ايئرپورٽ تائين ٽرانسپورٽ جي ناقص سهولتن جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿومس ڊريو جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ڊائريڪٽ لنڪ کلڻ سان اها ڳالهه واضح آهي ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته مون کي برٽش ايئرويز جي 10 سالن کانپوءِ پاڪستان واپسي تي بيحد خوشي ٿي رهي آهي. ٿومس ڊريو جو چوڻ هو ته مان جون 2019ع ۾ برٽش ايئرويز جي پهرين اڏام جي اچڻ جو انتظار ڪريان ٿو. هوڏانهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پاڪستان ۾ برطانوي ايئر لائن جو فلائيٽ آپريشن بحال ڪرڻ تي برٽس ايئر ويئر جا ٿورا مڃا آهن. برطانوي فضائي ڪمپني برٽس ايئر ويز پاڪستان ۾ 10 سالن کانپوءِ  پنهنجو آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو به پنهنجي وڊيو بيان ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن جي بحالي تي برٽش ايئر ويز جا ٿورا مڃا آهن.  ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستاني قوم ۽ سڪيورٽي فورسز جي 10 سالن جي جدوجهد جا فائدا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پرامن پاڪستان ۽ اسان کي اڳتي ئي وڃڻو آهي  جي هيش ٽيگ جو به استعمال ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں