باربي ڊول ڪترينا ڪيف جو شادي بابت بيان سامهون اچي ويو

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا جي شادي کانپوءِ مشهور اداڪارا ڪترينا ڪيف طرفان پڻ آخرڪار شادي بابت اهم بيان سامهون اچي ويو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف فلم ” زيرو “ جي مشهوري مهم دوران شادي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هر ڪوئي مونکان منهنجي شادي بابت پڇندو آهي ته ڪڏهن ڪنديس، پر ان معاملي ۾ منهنجو مڃڻ آهي ته اوهان ڪڏهن به شادي جي رٿابندي ناهيو ڪندا ڇاڪاڻ جو هي معاملو اهڙو ناهي جو اوهان انٽرنيٽ تي وڃي بٽڻ دٻايو ۽ بندو حاضري ٿي وڃي. باربي ڊول چيو ته شادي جي معاملن کي وقت تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن مان چاهيان ۽ اهو محسوس ڪريان ته مونکي جيون ساٿي جي ضرورت آهي ته مان پاڻ کي پيش ڪري ڇڏينديس پر شادي جي مڪمل رٿابندي ڪرڻ ۽ ڳولا ڪرڻ اهو هڪ غيرضروري عمل آهي.  ڪترينا ڪيف چيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿيڻو هوندو ته پاڻمرادو ٿي ويندو ۽ ڪيئي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته ڪيترائي اهڙا ڪم جن کي مون ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر پوءِ به نه ڪري سگهيس. اهو ڪير ڄاڻي ٿو ته جنهن ڪم بابت اوهان نٿا سوچيو  اهو اوهان لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں