ڪينگروز جي ديس ۾ ڪوهلي اليون کي شڪست، 4 ميچز واري سيريز هڪ-هڪ تان برابر

0Shares

پرٿ(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڀارت کي پرٿ ٽيسٽ ۾ 146 رنسن تان شڪست ڏئي چئن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ڪينگروز ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ 287 رنسن جي هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ سموري ڀارتي ٽيم 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پرٿ ٽيسٽ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڀارت 112 رنسن 5 وڪيٽن جي نقصان سان اننگز کي اڳتي واڌيو، ڀارتي ٽيم جا آخري پنج بيٽسمين مجموعي طور تي رڳو 28 رنسن جو ئي اضافو ڪري سگهيا.  هانوما ويهاري 28، رشب پانت 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته اوميش ياديو 2، ايشانت شرما ۽ جسپريت بمرا بنا کاتو کولڻ جي پويلين روانو ٿيا. آسٽريليا طرفان نيٿن ليون ۽ مچل اسٽارڪ 3، 3 جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪيومنس 2، 2 شڪارڪيا. ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي نيٿن ليون کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو . واضح رهي ته آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگز  326 ۽ ٻي ۾ 243 رنسون ٺاهيون هيون جڏهن ته مهمان ڀارتي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 283 ۽ ٻي ۾ 140 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي ريت ڪينگروز ٽيم چئن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڪري ورتي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں