ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل پاران صوبائي حڪومت پاران ڪمند جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه 182 رپيا نه ملڻ ۽ سنڌ ۾ شگر ملز نه هلڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي، پوليس سنڌ اسيمبلي وڃڻ کان روڪي ورتو، صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ سيد ناصر شاهه پاران ڳالهيون، خاطري کانپوءِ احتجاج ختم، صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آبادگارن جا مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، آبادگارن اڳواڻن چيو ته حڪومت هفتي ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو چيو آهي. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ ۾ ڪمند جي سرڪاري اگهه 182 رپيا تي عمل نه ٿيڻ خلاف سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل پاران حيدرآباد مان نڪتل قافلو علي پلھه، جمال محمد کهڙو ۽ هارون ميمڻ جي اڳواڻي ۾ موٽر وي تي پوليس جي ڪجهه دير روڪڻ کانپوءِ پرامن احتجاج جي خاطري کانپوءِ گورنر هائوس ويجهو ڦوهارا چوڪ وٽ پهتو ته پوليس ان کي اتي ئي روڪي ورتو ۽ سنڌ اسيمبلي وڃڻ نه ڏنو، پوليس پاران ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر ڪين گهرايا ويا جڏهن ته رستا بند هئڻ سبب آبادگار واپس ڪراچي پريس ڪلب پهتا. آبادگار اڳواڻن چيو ته شگر ملز 15 آڪٽوبر کان هلائڻ گهرجن پر هتي دير سان شگر ملون هلائي آبادگارن کي نقصان پهچايو وڃي ٿو، علي پلهه چيو ته پاسما وارا ڪمند جو اگهه 182 روپيا في مڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جيستائين ڪمند جو اگهه 182 ڏئي شگرملون نه هلايون وينديون، تيستائين سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. بعد ۾ زراعت کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو معاملي جو نوٽيس وٺندي آبادگارن کي ڳاليهن لاءِ پنهنجي آفيس سڏائي ورتو، ڳالهين ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه به شريڪ ٿيو، آبادگارن طرفان ايڊوڪيٽ علي پلھ، ذوالفقار شاھ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، هنن صوبائي وزيرن سان ڳالهين ۾ پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، جنهن تي آبادگارن جا سمورا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ تي آبادگارن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ صوبائي وزيرن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان دوران زراعت واري وزير اسماعيل راهو چيو ته آبادگارن کي ڪمند جي اگھ تي عمل ڪرائڻ ۽ شگر ملز ۾ ڪريشنگ شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته 24 شگرملز ڪريشنگ شروع ڪئي آھي. 8 شگرملن چمنيون ٻاريون آھن، چار خراب پيون آھن. اسان شگر ملز کي پابند ڪنداسين ته اهي حڪومت جي اعلانيل اگهه تي عمل ڪن. صوبائي وزيرن چيو ته اسان پاسما ۽ آبادگارن کي ويهاري اگهه مقرر ڪيو هو. پر پاسما ڪورٽ هلي وئي آھي، ان تي اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي آھي، زراعت کاتو آبادگارن سان گڏ آھي اسان آبادگارن لاءِ ئي ويٺا آھيون، هر ممڪن ڪوشش ڪري فيصلن تي عمل ڪرايو ويندو. صوبائي وزير ناصر شاھ چيو ته پنجاب ۾ به شگرملون آھن اتي نه پيون هلن اتي به اومني گروپ آھي، اومني گروپ جا اڪائونٽ بند پيا آھن، مسئلا ضرور آھن پر ڪمند جو مقرر ڪيل اگهه ئي ڏنو ويندو، انور مجيد جي خلاف اجائي واويلا پئي ڪئي وڃي. ان جي طبيعت خراب آھي. ڊاڪٽرن لکي ڏنو آھي پو۽ به واويلا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آبادگارن جو به مطالبو آھي ته اومني گروپ جا اڪائونٽ کوليا وڃن ڇو ته ان جو نقصان آبادگارن کي ئي ٿي رهيو آھي. اسان کي آبادگارن جو قدر آھي، اسان آبادگارن سان گڏ آھيون، هنن جو هر مسئلو حل ڪيو ويندو. اومني گروپ جي اڪائونٽ کي مني لانڊرنگ ۽ ٻئي اڪائونٽ کي ٽرينڊ اڪائونٽ چيو وڃي ٿو اهو سڀ سياسي ٽرائيل ڪيو پيو وڃي، انهن ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناهي. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ علي پلهھ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته حڪومت طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي ته سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا، آبادگارن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل نه ڪيا وڃن، اسان کي هڪ هفتي اندر مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟