بندوقن جون گوليون آزادي جي مجاهدن کي چيڀاٽي نه ٿيون سگهن: پاڪ فوج جو ترجمان

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بندوق جون گوليون آزاديءَ جي غير هٿياربند بهادر مجاهدن کي ڪڏهن چيڀاٽي نه ٿيون سگهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي فوج جي ڪشمير ۾ رياستي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته قابض ڀارتي فوج جي معصوم ڪشميرين خلاف رياستي دهشتگردي مذمت جوڳي آهي. پنهنجي بيان ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارتي فورسز طرفان ڪنٽرول لائن پار شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ غير اخلاقي ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.  هن چيو ته بندوق جون گوليون آزادي جي غير هٿياربند مجاهدن کي ڪڏهن به چيڀاٽي نه ٿيون سگهن، ڀارتي فوج کي پيشور اخلاقيات  جو احترام ڪرڻ گهرجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں