ٽنڊو الهيار (رپورٽ: اشرف جروار) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي پ پ جي حڪومت ٺاهينداسين ۽ اها ئي حڪومت عوام جا ڪم ڪندي ۽ حق ڏياريندي، هي انڌن جي حڪومت آهي جن کي سوچ ويچار نه آهي، صوبا مضبوط ٿيندا ته پاڪستان مضبوط ٿيندو، اسلام آباد مضبوط ٿيڻ سان ملڪ مضبوط نه ٿيندو، کين تڪليف 18 هين ترميم مان آهي ۽ دٻاءُ مون مٿان وجهي رهيا آهن، هو اڪيلي سر مڃي ويا ته انهن جي پارٽي ۽ ٻيا صوبا نه مڃيندا، ڏسون ٿا ته ميچ جو ڇا ٿو ٿئي، ڪير ڪاڏي ٿو وڃي، حڪومت پڪڙ ڌڪڙ ڇڏي ته ڪو ڪم ٿئي، کيس غلطي فهمي آهي ته اسان کي خوف آهي، جيل اسان جو ٻيو گهر آهي، گرفتاري سان ڇا ٿيندو، پ پ جي خلاف ڪارروائي ٿي آهي ته اها اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي، سياست، سوچي سمجهي ڪئي ويندي آهي، مان کين انڊر 16 چوان ٿو، کين کيڏڻ اچي ئي نٿو، حڪومت جو ڪم اي پي ايس جي جوابدارن کي ڳولي سزا ڏيڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ۽ ميديا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته حڪومت مان جلد جان ڇڏائي ۽ کيس گهر موڪلي ملڪ کي ٺاهينداسين ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائينداسين ۽ پ پ حڪومت ٺاهيندي، پي ٽي آءِ حڪومت کي نه گهرڻ اچي ٿو نه ڏيکارڻ اچي ٿو، هي رڳو وٺڻ وارا آهن جنهن کي اوچتو طاقت ملي ويندي آهي ان جو دماغ خراب ٿي ويندو آهي، ماڻهن کان شڪايت آهي ته ڇو ڪٽ پتلي حڪومت آڻيو ٿا، توهان ايم ڪيو ايم جي باني کي بڻايو، اڄ هو ڪنهن ٻئي جو بڻجي چڪو، هن چيو ته حڪومت ماڻهن کان روزگار کسي رهي آهي، ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ کي ٽوڙيو ويو، اها مارڪيٽ 50 سال پراڻي آهي، روزگار ڏيڻ بدران روزگار کسيو پيو وڃي، حد دخليون هٽائڻ کان اڳ نوٽيس ڏيڻ گهرجي ها، ملڪ جي موجوده حالتن تي ڳڻتي آهي، ڪراچي ملڪي معيشت جو 63 سيڪڙو ڏئي ٿو، واپس ڇا ٿو ملي، اسان رڳو پنهنجو حصو گهري رهيا آهيون، ڏنڊي جي زور تي ٽيڪس نٿي وٺي سگهجي، هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ادارا ڪمزور ٿين، ڇو ته ائين ٿيو ته هڪ ٻي طاقت بيٺي آهي جيڪا جارحاڻي ۽ جنوني سوچ جي مالڪ آهي، ان ڪري اسان حڪومت کي گنجائش ڏيون ٿا پر ان کي غلط فهمي آهي ته اسان ان کان ڊڄون ٿا ته يا ان کان اقتدار کسي وٺنداسين. اسان رڳو غير جانبداري چاهيون ٿا، اختيار ۽ اقتدار اسان پاڻ وٺي وٺنداسين، هن چيو ته حڪومت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن صوبا گڏ هوندا، توهان چئو ٿا ته هڪ سئو ڏينهن گهٽ آهن، اسان هڪ سئو ڏينهن ۾ پرويز مشرف کي ڪڍيو هو، اسان هڪ سئو ڏينهن ۾ گهڻا ڪم ڪيا ۽ پنهنجي دور حڪومت ۾ هر مسئلي تي ڪم ڪيو، وقت کان اڳ چونڊن جو اشارو ملي رهيو آهي، هن چيو ته بلوچستان جو حصو گهٽ نٿو ٿي سگهي، اتي تمام گهڻيون ڏکيائيون آهن، پ پ هر مارشل لا سان جنگ جوٽي آهي، ڀٽو ايوب خان خلاف آواز اٿاريو ته ايوب خان پنهنجي دور ۾ بنيادي جمهوريت جو ڊرامو اٿاريو، هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن به عوام جو حق مجروح ڪيو ويو ته اسان آواز اٿاريو، مون مٿان 18 هين ترميم جي حوالي سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جيڪڏهن مان راضي به ٿيان ته پارٽي، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب نه مڃيندا، آصف زرداري چيو ته 18 هين ترميم ۾ صوبن کي ڪجهه وڌيڪ حصو مليو آهي پر هاڻ به سنڌ ۽ بلوچستان پورو نه ڏنو ويو آهي، 3 وڏا وزير حڪومت جا پنهنجا ويهاريل آهن، اهي ڳالهائين نٿا، تڪليف سڀني کي آهي، هن چيو ته جڏهن به ڪو سياسي ٻوٽو پوکي ٿو ته ان کي ڪٽي هٿرادو ٻوٽو لڳايو وڃي ٿو، هن چيو ته چونڊون شفاف ٿين ها ته عمران خان ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿئي ها، کيس ووٽ نه مليو آهي تنهنڪري کيس عوام جي پرواهه نه آهي، هي چوي ٿو ته ڊالر جي خبر نه آهي، ڊالر جڏهن مٿي وڃي ٿو ته قرض وڌي وڃي ٿو، هن چيو ته پ پ نٿي چاهي ته ادارا ڪمزور ٿين، آصف زرداري چيو ته کيس وقت کان اڳ چونڊن جو اشارو مليو آهي تنهن تي اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ويو ته ايندڙ اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، آصف زرداري جواب ڏنو ته انشاالله جلد ٿيندي، آصف زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته نيشنل ايڪشن جي ناڪامي شهيدن جي قربانين کان انحراف آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟