آرمي چيف 15 دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي، 20 کي قيد جي سزا

0Shares

راولپنڊي(م ڊ)آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه 15 دهشتگردن جي موت جي سزاجي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته 20 دهشتگردن کي قيد جي سزابه ٻڌائي وئي آهي، پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي موجب دهشتگرد هٿياربند فوج،سيڪيورٽي ادارن ۽ تعليمي ادارن تي خونريز حملن ۾ ملوث هيا، جن جي ڪاروائين جي نتيجي ۾ 34 ماڻهو شهيد ٿيا جڏهن ته شهيدن مان 21 جو تعلق هٿياربند فوج سان هيو، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 9، پوليس جا ٻه ۽ ٻه شهري به شامل آهن، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن تي خصوصي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايو ويو ۽ ان جي قبضي مان هٿيار ۽ گولابارود به برآمد ٿيو هيو، آءِايس پي آرموجب دهشتگردن جو تعلق ڪالعدم تنظيمن سان هيوجڏهن ته ان ۾ ڪرسچين ڪالوني پشاور حملي ۾ ملوث دهشتگرد به شامل هيا، دهشتگردن دوران ٽرائل ميجسٽريٽ جي سامهون پنهنجن ڏوهن جواعتراف به ڪيو، موت جي سزا ماڻيندڙ دهشتگردن حميد الرحمان، سعيد علي، ابرار، فداحسين، رضا الله، رحيم الله، عمرزاده، امجد علي، عبدالرحمان، غلام رحيم، محمد خان، رحيم الله ولد نوراني گل، راشد اقبال، محمد غفار۽ رحمان علي شامل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں