آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي چوٿين ورسي ملهائي وئي، ڀيٽا پيش

0Shares

ڪراچي/ اسلام آباد/  پشاور  (بيورو +  م ڊ + نمائندن وٽان)  پشاور  آرمي  پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي چوٿين ورسي ملهائي وئي،  ڀيٽا پيش، خبر موجب آرمي  پبلڪ اسڪول سانحي کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي  شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  چوٿين ورسي  ملهائي وئي. سنڌ سميت  سڄي ملڪ ۾ تقريبون ۽ ريليون ڪڍيون ويون، شهيدن جي تصويرن   آڏو  ميڻ بتيون  ٻاري  ڀيٽا  پيش ڪئي وئي. پشاور  ۾ مک تقريب ٿي.  ڪور ڪمانڊر  ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  قرآن خواني دعا ڪرائي وئي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ۽  ريليون ڪڍي شهيدن کي ڀيٽا  پيش ڪئي وئي. روادري تحريڪ پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻن پنهل ساريو، ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 4 سال اڳ دهشتگردن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي حملو ڪري معصوم ٻارن کي شهيد ڪري پنهنجي بزدلي جو مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته سياست ۽ مذهب کي الڳ ڪيو وڃي ۽ سمورن مذهبن ۽ فرقن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائي شدت پسندي کي ختم ڪيو وڃي. هنن چيو ته دنيا جا جملي مذهب انسان ذات لاءِ آهن انسان ذات جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ آهن نه ڪي انسانن جي وچ ۾ نفاق ۽ نفرتن کي وڌائڻ لاءِ آهن، اسان کي مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف يڪجا ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ٿيل سانحي جي ياد ۾ 16 ڊسمبر سکر جي مختلف سماجي، سياسي ڌرين طرفان شهيدن کي خراج عقيدت ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا ان سلسلي ۾ رواداري تحريڪ ۽ پهل پاڪستان طرفان شهيدن جي ياد ۾ محمد بن قاسم پارڪ کان سکر پريس ڪلب تائين واڪ ريلي ڪڍي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي رواداري تحريڪ پاڪستان جي وائيس چيئرمين ديدار ميراڻي، ناليوارو ليکڪ جمشيد اقبال، سماجي ڀلائي واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر قدوس ميمڻ، تاج رند، نورالعين آرائين ۽ ٻين چيو ته پشاور سانحو ملڪي حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو هو، حڪمرانن پاران انتهاپسندي آڏو وقت سِر ديوار نه بيهارڻ سبب مذهبي بنياد پرستي عام شهرين کانپوءِ قوم جي معصوم ٻچڙن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو، آرمي اسڪول ۾ معصوم جانيون ٿيڻ باوجود نيشنل ايڪشن پلان جي کوکلي نعري کانسواءِ حڪومت بنيادپرستي جي پاڙ پٽڻ لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته 16 ڊسمبر کي دهشتگردي خلاف قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃ ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عمل دارآمد ڪيو وڃي هوڏانهن بچه يونين سکر طرفان به پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ سکر جي نئين ڳوٺ واري علائقي ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا پڻ گھري وئي ان موقعي تي مسعود بنڌاڻي، مصدق خان، مزمل راجپوت ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج دنيا جي طاقت ور فوج آهي اسان کي ان مٿان ناز آهي پاڪ فوج جي دهشتگردن خلاف جاري جنگ ۾ پاڪستان جو هر شهري شامل آهي ٻئي طرف پاڪستان  مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي فنانس سيڪريٽري ۽ ضلعي صدر سکر ايڊوڪٽ سيد شفقت علي شاھ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شھيد شاگردن سميت سانحي ۾ شھيدن جي ڏنل جاني قربانين کي وساري نٿو سگھجي شھيدن جي ڏنل قربانين جي نتيجي ۾ ملڪ مان دھشتگردي جي واقعن ۾ وڏي گھٽتائي ٿي آھي سانحي کي چار سال گذري ويا آھن سانحي ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ شاگردن ۽ استادن کي دھشتگردي جو نشانو بڻائي شھيد ڪيو ويو ھو سانحي جا زخم اڄ به تازہ آھن ھر سال جيان ھن سال به معصوم  شھيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪيان ٿو دھشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ميدان عمل ۾ آھي پاڪ فوج جي شھيدن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيان ٿو اھڙو اظھار ھن جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آھي ف ليگ اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت  علي شاھ چيو ته دھشتگردن مستقبل جي معمارن کي نشانو بڻائي ملڪ ۽ سڪيورٽي ادرن جا حوصلا ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر ملڪ ۾ تعليمي سرگرميون جاري آھن ۽ اھڙو پيغام ملڪ ۽ قوم دشمنن لاءِ آھي ته پاڪستاني قوم جي جذبن ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي شھيدن جون ڏنل قربانيون ذيان نه ٿينديون پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي خاطر ملڪ جو ھر ھڪ فرد ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پوئتي نه ھٽندو دھشتگرن کي اسان اھو پيغام ڏيڻ چاھيون ٿا ته انھن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ دفن ڪري ڇڏينداسين. پشاور اي پي ايس سانحي ۾ شھيد ٿي ويل ٻارڙن جي ياد ۾  قلندر شھباز جي درگاه جي  آ ڳند  ۾  ميڻ بتيون ٻاري  ڀيٽا پيش    خبر موجب  سانحي پشاور جي ياد ۾ حيدرآباد جي سماجي تنظيم پبلڪ پيس  ايسو سي ايشن طرفان سيوھڻ پهچي درگاه لعل شھباز قلندر جي صحن ۾ اي پي ايس اسڪول پشاور  جي ٻارڙن تي ٿيل دھشتگرد حملي ۾ شھيد ٿي ويلن جي چوٿين ورسي جي موقعي تي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا ڏني وئيي  هيومن رائٽس ڪميشن فارپيس اينڊ جسٽس پاڪستان ضلع دادو پاران 16 ڊسمبر تي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل شاگردن ۽ استادن جي ياد ۾ هيومن رائٽس ڪميشن فارپيس اينڊ جسٽس پاڪستان جي ضلع صدر دريا خان سومرو، بهادر سومرو، جميل احمد عباسي، اصغر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيو بس اسٽينڊ کان دادو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن آرمي چيف قمر جاويد باجوه کي اپيل ڪئي ته هو دهشتگردن خلاف ڪاروايون تيز ڪيون وڃن ته جيئن پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي رهي جيئن اسڪولي شاگرد پنهنجي تعليم سٺي نموني پرائي سگهن. ڪوٽڏيجي ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيل معصوم طالب علم جي ياد ۾ ريلي ڪڍي وئي ڪوٽ بنگلو ٽائون آفيس اڳيان ڏيئا ٻاري شهيد شاگردن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي وڏي انگ ۾ شهرين ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن جي شرڪت پاڪ فوج کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو ريلي جي اڳواڻن انيل لاشاري,توحيد جماڻي ۽ ٻين پاران پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل شاگردن ۽ ٽيچرس جي ياد ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي ڪوٽ بنگلو شهر کان ٿيندي ڪوٽڏيجي پهتي جڏهن ته ريلي کان اڳ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاء ڏيئا ٻاريا  جڏهن ته ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پشاور جي شاگردن تعليم لاء پنهنجين جانين جا نظرانه ڏنا جن کي وسارڻ نه گهرجي ۽ شهيدن جي ياد ۾  پوري پاڪستان ۾ ريليون ڪڍي دهشتگردي کي شڪست ڏني وڃي شاگردن تي حملا بزدلانہ ڪاروايون آهن اسان کي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري انهن کي پڙهيو لکيو بڻائڻ گهرجي ته جيئن دهشتگرن کي پنهنجي ناڪامي سامهون اچي سگهي پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ شهيد اسڪول ٻارڙن جي ياد ڪوٽ غلام محمد پريس ڪلب تي ميڙاڪو، پ پ پ اڳواڻ سميت پوليس جوانن شهرين ۽ صحافين جي شرڪت، ميڙاڪي ۾ پشاور سانحي ۾ شهيدن ٻارن کي ڀيٽا پيش ڪري دعا مغفرت گهري وئي، تنظيم اين پي سي آءِ ايڇ پاران پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد تي 16 ڊسمبر پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيد معصوم ٻارڙن جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ تنظيم جي ڊويزن چيئرمين مقبول دل پ پ پ تعلقه صدر حاجي محمد رفيق ڀرڳڙي،ايڊيشنل ايس ايڇ او امداد لاشاري، ڪائونسلر نويد قائمخاني، صدر پريس ڪلب غلام حسين قائمخاني، سميت پوليس جوانن شهري ۽ صحافين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڙاڪي ۾ پشاورآرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ شهيد ٿيل معصوم ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪري دعا مغفرت گهري وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 16 ڊسمبر پشاور سانحو وڏو درد ۽ اففوس ناڪ واقعو هو جنهن ۾ بينگاھ معصوم گلن جهڙا ٻارڙا شهيد ٿي ويا پشاور سانحي تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته پشاور سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي. سانحا آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شھيدن جي ياد ۾ خان سائنس اڪيڊمي ڊگهڙي طرفان هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪول جي ٻارن معصوم شھيدن جي تصويرن اڳيان گل رکي ۽ ميڻ بتيون ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي استادن شھباز علي چانگ،خان محمد درس،ٻارڙن عبدالرافع آرائين،حارث محبوب،حنين خان ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 16ڊسمبر 2016 تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو جنهن ڏينهن تي انسانيت ۽ علم دشمنن آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن مٿان حملو ڪري سوين معصوم جانين جو خون وهائي بهادر قوم جي حب الوطني جي جذبي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر دشمن انهي سازش ۾ ناڪام ويو اڃ پوري ملڪ جي عوام شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ اهو وچن پڻ ڪري رهي آھي ته توهانجا معصوم خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ماڻيندا ۽ پاڪستان دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي صفن ۾ سڀ کان اڳڀرو هوندو،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں