چيف جسٽس سان گڏ اسان کي به ٿر جي صورتحال بابت خدشا آهن، ڪيترائي ڀيرا آر او پلانٽ جو پاڻي پيتو آهي: وڏو وزير

0Shares

نئون ديرو(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو باب آهي جنهن کي اسان ڪارو ڏينهن ڪري ملهايون ٿا. 16 ڊسمبر تي پاڪستان ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو ۽ هن ئي ڏينهن تي دهشتگردن اسلام آباد ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو هو ۽ ان واقعي اسان اڄ به ڏکارا آهيون. هن چيو ته فيصل واڊا لاءِ مان ڪجهه به نه چوندس ڇو جو ان سان منهنجي تازي دوستي ٿي آهي جڏهن هن چيو هو ته مان پاڻ وال کوليندس ۽ بند ڪندس ته مون هن کي جواب ڏنو هو ته جيڪڏهن هن کي وال کولڻو ۽ بند ڪرڻُو آهي ته مان کيس پلمبر جي نوڪري ڏئي سگهان ٿو ۽ جيڪڏهن هن کي گئس جي صوبائي اداري ۾ نوڪري گهرجي ته اها به مان ڏيندس. هن چيو ته فيصل واڊا نئون سياستدان آهي جنهن کي سکڻ جي ضرورت آهي ان ۾ فيصل واڊا جو ڪو به قصور نه آهي. هو آئين پڙهندو ته هن کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي. 18 هين ترميم جي پوري دنيا تعريف ڪئي ۽ جنهن جي ڪري صوبا ۽ وفاق طاقتور ٿيا. 18 هين ترميم کي سڀني پارٽين گڏيل راءِ سان پاس ڪيو هو جنهن کي ڪم ڪرڻ نه ٿو اچي اهو 18 هين ترميم تي الزام لڳائيندو آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي ايندڙ 11 هين ورسي اتنظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو جتي هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس پاڻ ٿر گهمڻ جو اظهار ڪيو مان اسلام آباد ۾ چيف جسٽس کي چيو هيو ته جيڪڏهن توهان پاڻ مناسب سجهو ته مان اوهان سان گڏ هلان. چيف جسٽس ثاقب نثار سان گڏ سپريم ڪورٽ جا ٻه جج ساڻ هئا ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کي مون پاڻ هلڻ جي اپيل ڪئي جيڪي اتي ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن ته انهن جو دورو ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن چيف جسٽس کي تحفظات آهن ته اسان کي به تحفظات آهن. ٿر جي ماڻهن لاءِ سهولتون هجڻ گهرجن انهن تي اسان کي اڃان ڪم ڪرڻو آهي. چيف جسٽس جنهن جنهن رستي تي هليو اتي ان کي هر طرف پڪا روڊ رستا نظر آيا. 20005ع ۾ جڏهن آئون پهريون ڀيرو ٿر ويو هيس ته مون کي ڪراچي کان مٺي پهچڻ تائين رستي ۾ 8 ڪلاڪ لڳي ويا هئا ۽ هاڻ ماڻهون 3کان 4 ڪلاڪن ۾ ڪراچي کان مٺي آسانيءَ سان پهچي وڃي ٿو. ماڻهون ڳالهيون ڪندا آهن ته ٿر ۾ لڳل آر او پلانٽ بند آهن ۽ اهي آر او پلانٽ ڪنهن لڳايا هئا؟ ۽ ڇا لاءِ لڳايا ويا هئا. ڪيئرٽيڪر گورنمينٽ جي دور ۾ آر او پلانٽن ۾ هڪڙو مسئلو هيو ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ بند ڪيا ويا هئا ۽ 80 فيصد آر او پلانٽ صحيح ڪم ڪري رهيا آهن. ان ۾ سڀني ماڻهن اسان جي مدد ڪئي هئي. ٿر ۾ ڪجهه جڳهون آهن جتي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي ها. چيف جسٽس ٿر پروجيڪٽ مائينگ جو دورو پڻ ڪيو جيڪي سنڌ حڪومت ٿر ۾ گهر تعمير ڪرايا هئا اهي گهر به گهمي ڏٺا ۽ ان مان هڪ گهر ۾ ٻوٽو به پوکيو. ان کان پوءِ چيف جسٽس جا تاثرات تمام بهتر هئا. مان پهريان ڪيترائي ڀيرا ٿر جي آر او پلانٽ مان پاڻي پيتو آهي پر جنهن وقت چيف جسٽس سان گڏ هئس ان وقت مون کي اڃ نه هئي، ان ڪري پاڻي نه پيتو جنهن کي به اشو بڻايو ويو آهي. گذريل ٻن سالن کان واٽر ڪميشن جوڙيل آهي ۽ اهي پوري سنڌ ۾ دورا ڪري رهيا آهن ۽ واٽر ڪميشن لاڙڪاڻي جا به ڪيترائي ڀيرا دورا ڪيا آهن. واٽر ڪميشن جي هدايتن تي گذريل ٻن سالن کان سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ۽ مسئلا پنهنجي جاءِ تي آهن. سنڌ حڪومت جڊيشل آرڊر تحت واٽر ڪميشن جي هيٺان جيئن چيو ويندو آهي تيئن ڪم ڪندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اڳوڻي صدر پاڪستان آصف زرداري ائين نه چيو هيو ۽ ان کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي ۽ مان پاڻ اتي موجود هيس. هن وڌيڪ چيو ته مان پروٽوڪول جو تمام گهڻو خيال رکندو آهيان مان ان ڏينهن وزيراعظم سان گڏجي ماني به کاڌي هئي مون سان وزيراغطم جو 15 منٽن جو ٽائيم رکيل هيو ۽ اهو وڌي 50 منٽ ٿي ويو ۽ جيڪا ڳالهه ڪرڻي هئي اها ڪئي سين. هڪ سوال جي جواب ۾ ته سنڌ اندر گرفتاريون ٿينديون ان بابت مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي ته ڪهڙيون ۽ ڪنهن جون گرفتاريون ٿينديون. ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير امتياز شيخ، پ پ لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر اعجاز جکراڻي، انفارميشن سيڪريٽري معشوق جتوئي، لاڙڪاڻي جو ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. بعد ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي ايندڙ 11 هين ورسي انتظامن جي سلسلي ۾ مزار ڪميٽيءَ جي رٿيل اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورسي جي سيڪيورٽي انتظامن، ٽريفڪ نظام، بجلي، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. جتي موجود مختلف کاتن جي آفيسرن کي ورسي انتظامن کي وڌيڪ بهترڪرڻ جون هدايتون ڪرڻ سان گڏ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں