چاچي جي چيف سليڪٽر هئڻ جي ڇاپ لاهڻ ناممڪن آهي: امام الحق

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اوپنر امام الحق چيو آهي ته چاچي انضمام الحق جي چيف سليڪٽر هئڻ جي ڇاپ لاهڻ ڏکيو آهي. “ڪرڪيٽ پاڪستان” کي خاص انٽرويو ۾ اوپنر امام الحق چيو ته مان نيوزيلينڊ خلاف وڌيڪ رنسون نه ٺاهي سگهيس، ڏکڻ آفريڪا خلاف ڏکئي سيريز ۾ ٽيسٽ سينچري ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، هن چيو ته ٽي 20 ٽيم ۾ فخر ۽ بابراعظم سٺو کيڏي رهيا آهن، منهنجي چونڊ جو دارومدار سليڪٽرن ۽ ٽيم جي ضرورت تي آهي. هڪ سوال تي امام الحق چيو ته چيف سليڪٽر انضمام الحق جو ڀائٽيو هئڻ جي ڇاپ لاهڻ ڏاڍو ڏکيو بلڪ ناممڪن آهي. هن چيو ته منهنجي ون ڊي ۾ 63 ايوريج آهي پر 2،3 اننگز ۾ سٺي راند پيش نه ڪري سگهيس ته گوڙ ٿيڻ لڳو ته هن کي ٽيم مان نيڪالي ڏني وڃي، چاچو پنهنجي عهدي تان هٽجي وڃي ته سڀ کان گهڻي خوشي مونکي ٿيندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں