شاهد آفريدي سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي موجوده ڪپتان سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏي ڏيڻ گهرجي، هن کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي طرز جي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. آفريدي چيو ته ورلڊ ڪپ ويجهو آهي، سرفراز احمد ذهني طور تي پهريان کان تيار رهي، هن چيو ته مان پهريان سرفراز احمد جي ٽنهي فارميٽس ۾ ڪپتاني جي حمايت ۾ هيس پر هاڻي سرفراز کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ڇڏي پنهنجو سمورو ڌيان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي تي ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل سال کان ڪراچي ۾ امن واپس اچي ويو آهي، پوري ملڪ ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر آهي، ملڪي حالتن ۾ بهتري جو ڪريڊٽ اسان جي سيڪيورٽي ادارن ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں