پريانڪا چوپڙا کانپوءِ پرينيتي چوپڙا به شادي لاءِ تيار

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا پريانڪا چوپڙا کانپوءِ سندس ڀيڻ بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا پرينيتي چوپڙا به شادي لاءِ تيار آهي. بالي ووڊ ۾ هينئر تائين شادي سيزن ختم نه ٿي آهي پهريان دپيڪا ۽ دنوير، پوءِ پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ ڪونز ۽ ٽي ڏينهن اڳ ڪاميڊين ڪپل شرما شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا. ڪپل جي شادي کانپوءِ چيو پيو وڃي ته هاڻي بالي ووڊ ۾ شادي سيزن ختم ٿي وئي پر هاڻ اوچتو پرينيتي چوپڙا جي شادي جي خبر منظرعام تي اچي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب پرينيتي چوپڙا پنهنجي مبينا گهري دوست چيرٽ ديسائي سان تمام جلد شادي ڪرڻ واري آهي، پرينيتي ۽ چيرٽ وچ ۾ ويجهڙائي جون خبرون گذرلي سال 2017ع ۾ آيون هيون، چيرٽ جو تعلق به بالي ووڊ سان آهي جڏهن ته هو اداڪار طور نه پر اسسٽنٽ ڊائرڪيٽر طور بالي ووڊ سان لاڳاپيل آهي. چيرٽ اداڪار ريٿڪ روشن ۽ پريانڪا چوپڙا جي 2012ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم اڪني پٿ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو هو ان کانپوءِ پرينيتي چوپڙا ۽ چيرٽ 2016ع ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران مليا هئا ۽ 2017ع ۾ ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو آيا جڏهن ته پرينيتي چوپڙا چيرٽ سان لاڳاپن تي هميشه خاموشي اختيار ڪئي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں