ٽي سال نوڪري ڪندڙن کي قوم جو فيصلو ڪرڻ جو حق ناهي، عدالتن ۾ التوا هيٺ 9 لک ڪيس حل ڪيا وڃن: آصف زرداري

0Shares

حيدرآباد(رپورٽ: منصور مري) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 3 سال نوڪري ڪندڙن کي قوم جو فيصلو ڪرڻ جو حق ناهي، اهو حق صرف پارليامينٽ کي ئي آهي، عدالتن ۾ 9 لک ڪيس التويٰ جو شڪار آهن اهي ڪيس حلڪيا وڃن، ڇو ته اوهان جو مقرر نوڪري واري مدي کانسواءِ ٻيو ڪو به مستقبل ناهي، 9 لک ڪيس عدالت ۾ التويٰ جو شڪار آهن اهي ڪيس حل ڪيا وڃن، اسلام آباد ۾ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ويٺا آهن، جن جي حڪومت سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي ۾ ڪڪڙيون ۽ بيضا ڏنا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت سئو ڏينهن ۾ مشرف کي گهر موڪلي ڇڏيو، سوات کي دهشتگردن کان خالي ڪرايو، پختونن کي سڃاڻپ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو. حڪومت ۾ انهن کي ڇو آندو ويو آهي، جيڪي حڪومت هلائي ئي نٿا سگهن، ان کان بهتر هو ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي ها پوءِ سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ملي وڙهي به حڪومت هلائڻ جو ڪم ڪن ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ عوامي جلسي کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو محافظ 1973ع جو آئين آهي سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، اوهان جو مقرر نوڪري واري مدي کانسواءِ ٻيو ڪو به مستقبل ناهي، توهان جو اهو ڪم ناهي ته توهان جتي ڪٿي وڃي اهو چئو ته هي غلط آهي ۽ هو غلط آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسلام آباد ۾ انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ويٺا آهن، جن جي حڪومت سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي ۾ ڪڪڙيون ۽ بيضا ڏنا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت سئو ڏينهن ۾ مشرف کي گهر موڪلي ڇڏيو، سوات کي دهشتگردن کان خالي ڪرايو، پختونن کي سڃاڻپ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو. هن چيو ته عوام جا مسئلا عوامي پارٽي ئي سمجهي سگهي ٿي، هٿ جا  ٺاهيل گڏا عوام جا مسئلا سمجهي نٿا سگهن ۽ هنن کي ڪجهه ڪرڻ به نٿو اچي، هتي ڪم آسان به ناهي ته وري مشڪل به ناهي، ڪراچيءَ ۾ 10 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪري 5 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، حڪمران عوام کان مانيءَ جو گرهه به کسي رهيا آهن، جڏهن به ڪو غريبن جي حقن تي ڌاڙو هڻندو آهي ته مون کي انهن تي سخت ڪاوڙ ايندي آهي، منهنجي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪنهن ۾ به همٿ ئي ناهي ۽ هنن کي به سڃاڻان ٿو. هن چيو ته حڪمران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ٿيل بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ بند ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن پيا، اسان بي بي ڪارڊ ڪڏهن به بند ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ حڪمرانن کي هر محاذ تي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته آئون سٺي حڪومت هلائي ۽ سٺي سياست ڪري سگهان ٿو، پر سٺي ڪرڪيٽ کيڏي نٿو سگهان، سياست اها هوندي آهي ته مشرف ڪيئن گهر هليو ويو، آئون مشرف جو موت نه پر زندگي چاهيان ٿو ته اهو ڏسي ته جنهن لهر کي هن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي اها لهر اڄ به ڊوڙي رهي آهي ۽ عوام اڄ به ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو وٽ پيرين پنڌ وڃي ٿو، مشرف اڄ دبئي ۾ اڪيلو ويٺو روئي رهيو آهي. هن چيو ته 3 سال نوڪري ڪرڻ وارن کي قوم جو فيصلو ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، اهو حق صرف پارليامينٽ کي حاصل آهي، 9 لک ڪيس عدالت ۾ التويٰ جو شڪار آهن اهي ڪيس حل ڪيا وڃن، هن ملڪ جو سڀ کان وڏو محافظ 1973ع جو آئين آهي سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، اوهان جو مقرر نوڪري واري مدي کانسواءِ ٻيو ڪو به مستقبل ناهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ آهي ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته هو جديد طريقي سان سنڌ ۾ پاڻي جي استعمال جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڇو ته گهٽ پاڻيءَ تي به جديد ٽيڪنالوجي ذريعي فصل ٿي رهيا آهن، اسان کي پنهنجي زراعت کي به جديد ٽيڪنالوجي سان سنڀالڻو پوندو. هن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي پيون ٿا، اسان کي ئي سنڌو درياهه کي سنڀالڻو آهي، اسان کي پنجاب، پختونخواهه ۽ بلوچستان سميت سڀني جو خيال به رکڻو آهي افغانستان ۽ انڊيا به ڊيم ٺاهي رهيا آهن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انڊيا جي مقابلي ۾ ملڪ ۾ ايٽمي طاقت ڏني ۽ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالوجي فراهم ڪئي. هن چيو ته حڪمرانن کان ڪڪڙين ۽ بيضن کانسواءِ ٻيو ڪم به نٿو ٿئي. هن چيو ته جڏهن نواز شريف کي آندو ويو ته ان وقت به مون اوهان کي روڪيو هو، پر ان کي آڻڻ کانپوءِ اوهان وچ ۾ اختلاف ٿي ويا. هن چيو ته پاڪستان سان گهڻو مذاق ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ روز روز مذاق ڪرڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت مان انهن جا پنهنجا به بزنس مين خوش ناهن ته پوءِ ٻاهرايان سيڙپڪار ڪيئن ايندا، آئون ملڪ اندر مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ جو حامي آهيان، ٻاهرين سيڙپڪارن جي هتي ڪابه ضرورت ناهي، اهي هڪ ڊالر لڳائي هتان 10 ڊالر کڻي وڃن ٿا، ان ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ اندر پنهنجون صنعتون لڳائڻ گهرجن ۽ ٻاهران صرف ايڪسپرٽ ۽ جديد ٽيڪنالوجي گهرائڻ گهرجي. هن چيو ته عوام جو پيار ۽ ولولو مون کي هر هر زنده ڪري ڇڏيندو آهي، اڄ حيدرآباد ۾ عوام بي پناهه پيار ڏنو آهي، وري 27 ڊسمبر تي ٻيهر ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عوام سان ملندس. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي بهتري ۽ ملڪ کي بچائڻ وارو آصف زرداري ئي آهي. هن چيو ته اسان پاڻي معاملي تي 3 ڀيرا سي سي آءِ جي اجلاسن ۾ آواز اٿاريو آهي، پر پوءِ به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ۽ آئين ۾ اهو واضح لکيل آهي ته جيڪو صوبو گئس پيدا ڪري ٿو ته اهو پهريان پنهنجي ضرورت پوري ڪري، پر ان باوجود سنڌ کي گئس جي فراهمي مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي، اها سنڌ سان تمام وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ سان ڪڏهن به زيادتي ٿيڻ نه ڏيندو، جيڪڏهن اهڙيون ناانصافيون جاري رهيون ته اسان هر محاظ تي احتجاج ڪنداسين. هن چيو ته وفاقي جي سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي زيرو آهي، تحريڪ انصاف جعلي اليڪشن کٽي حڪومت ۾ آئي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي مخالفت ۽ سازشن باوجود عام چونڊن ۾ اڳ کان به وڌيڪ سيٽون کٽيون آهن، اسان عوام جي جمهوري طاقت تي يقين رکون ٿا ۽ عوام جي جمهوري طاقت سان سنڌ جا حق وفاق کان وٺي ڏيکارينداسين. هن چيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ عوام جعلي اليڪشن کٽيندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيندو، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ انهن کي بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو پيش آيو ته ان  وقت سنڌ ۾ هرهنڌ  مايوسي ڦهليل هئي، پر آصف علي زرداري اڳيان اچي پاڪستان کي بچائي ورتو. هن چيو ته آصف علي زرداري 11 سال جيل ۾ قيد ڪاٽيو، پر هو ڪنهن جي به آڏو نه جهڪيو. هن چيو ته اسان عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا آهيون، سنڌ جو عوام به پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته نواز شريف جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ بابت سنڌ ۾ اچي اعلان ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان جي جواب ۾ اسان سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ تاريخي ڌرڻو هنيو ڪالاباغ ڊيم کي هميشه لاءِ رد ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻ عمران خان اسان کي آزمائڻ ٿو چاهي، ڀلي آزمائي ڏسي. هن چيو ته آصف علي زرداري خلاف اڃان انڪوائريون هلن پيون ته عمران خان وري اڳ ۾ ئي وري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، پر اسان ان کان نه اڳ ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄون ٿا، اهڙيون انڪوائريون پهرين به ٿي چڪيون آهن ۽ اهڙا فيصلا اڳ به اچي چڪا آهن، جيڪي ڪوڙا ثابت ٿيا. هن چيو ته حيدرآباد ضلعو پ پ جو مضبوط قلعو آهي، جنهن اڄ هن عوامي جلسي ۾ سمنڊ جي صورت ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت سج اڀرندي ڪجهه نه ڪري ڏيکاريو ته پوءِ اها سج لهندي ڇا ڪري ڏيکاريندي، هاڻ ئي چون ٿا ته اليڪشن ڪرايون، جيئن يحيٰ خان روئي اچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي چيو ته حڪومت وٺو مون کان نٿي سنڀالجي، ائين ئي هاڻ هي حڪمران به ڪرڻ وارا آهن. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته آصف علي زرداري صدارتي اختيار پارليامينٽ کي ڏئي، ان کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سياسي ميدان ۾ هر وقت عوام سان گڏ آهن، اسان يوٽرن خان کان به بدلو وٺنداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کان ويندي پ پ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي قربانين سان تاريخ ڀري پئي آهي، اسان قوم سان نڀائڻ وارا آهيون. هن چيو ته پ پ عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي، پ پ وارا ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا ناهن، اسان هر ڪنهن کي کٿو جواب ڏنو آهي ۽ ڏيندا رهنداسين. پ پ ايم پي اي ۽ جلسي جي ميزبان ڄام خان شورو چيو ته پ پ سدائين سنڌ جي حقن حفاظت ڪئي آهي ۽ ملڪ کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌو درياهه کي سڪائڻ خلاف پ پ سدائين آواز اٿاريو آهي، حيدرآباد جي عوام پنهنجي قائد آصف علي زرداري جو شاندار استقبال ڪيو آهي، ان تي آئون عوام جو ٿورائتو آهيان ۽ پنهنجي پارٽي جي صدر آصف علي زرداري جو به شڪرگذار آهيان، جنهن حيدرآباد اچي اسان کي وڌيڪ جوش ۽ جذبو ڏنو آهي. هن چيو ته حيدرآباد جو جلسو مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، جيڪي چون ٿا ته پ پ ختم ٿي وئي آهي، حيدرآباد ۾ پ پ حڪومت وڏا ڪم ڪرايا آهن، ان جو ڪريڊٽ پ پ قيادت ڏانهن وڃي ٿو. هن آصف علي زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته قاسم آباد جي صوبائي سيٽ تي ساڻس جي ڊي جو جنرل سيڪريٽري مقابلو ڪيو، جنهن جي پيپلز پارٽي هميشه لاءِ ضمانت ضبط ڪري ڇڏي آهي. جلسي کي صوبائي وزير شهلا رضا، پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، پ پ ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ، پ پ ايم پي اي عبدالجبار خان، پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته جلسي ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال، صوبائي وزير اوقاف فراز ڏيرو، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، مير اعجاز خان جکراڻي، ايم پي اي مير الهه بخش ٽالپر، ايم اين اي رفيق جمالي، اعجاز شاهه شيرازي سميت ٻين پ پ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں