پاڪستان، افغانستان ۽ چين پاران دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق، مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

0Shares

ڪابل (م ڊ) پاڪستان، افغانستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽي ملڪي ڳالهين جي پهرئين دور جو خاتمو ٿي ويو جنهن ۾ ٽنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. افغان گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي ڳالهين ۾ افغان مفاهمتي عمل، علائقائي سلامتي ۽ امن استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت شاهه محمود قريشي ڪئي جڏهن ته چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ افغان پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪري رهيا هئا. ٽي ملڪي ڳالهين جي پهرئين دوري جي خاتمي تي ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب افغان صدارتي محل ۾ ٿي ۽ ان موقعي تي افغان صدر اشرف غني به موجود هو. ان کانپوءِ پاڪستان، افغانستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خطي ۾ معاشي ترقي، امن استحڪام لاءِ دهشتگري خلاف گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، پاڪستان ۽ افغانستان 40 سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن.جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان، پاڪستان مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي راضي ٿي ويا، ٽي ئي ملڪ دهشتگرد گروپن خلاف گڏيل جنگ تي متفق آهن. ٽي ملڪي ڳالهين جو مقصد افغانستان ۾ امن جو مستقل حل ڳولڻ آهي. ذريعن موجب پاڪستان، افغانستان ۽ چين وچ ۾ ٽي ملڪي ڳالهين جا ٽي دور ٿيندا. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پوري قوم لوهه جي ڀت آهي ۽ پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.ڪابل ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ چين وچ ۾ ٽي ڌري ڳالهين جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان کي تعاون ۽ انٽيليجنس رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بهتر سرحدي نظام سان پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي فائدو ٿيندو.هن چيو ته پاڪستان افغانستان جو سڀ کان وڏو برآمدي حصيدار آهي، پاڪستان، چين ۽ افغانستان جون معيشتون پاڻ ۾ جڙيل آهن، ٽي ڌري تعاون ان سلسلي ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف پوري قوم لوهه جي ڀت آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون قابل تحسين آهن، دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ چيلينج آهي، ٻئي ملڪ ان خلاف جنگ جاري رکندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں