ايل ڊي اي ڪيس: احد چيما کان رقم واپس وٺڻ، افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم

0Shares

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ ايل ڊي اي سٽي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر افضل کوکر ۽ سندس ڀاءُ ايم پي اي سيف الملوڪ کوکر کي فوري طور طلب ڪندي حڪم ڏنو ته ٻنهي اڳواڻن جي ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ ايل ڊي اي هائوسنگ سٽي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس ثاقب نثار باور ڪرايو ته گهڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن ۽ ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته افضل کوکر ڪير آهي؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل امتياز ڪيفي  ٻڌايو ته افضل کوکر مسلم ليگ ن اڳواڻ آهي. چيف جسٽس افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر کي طلب ڪندي هدايت ڪئي ته هو نه ٿو اچي ته ايس ايس پي کي چيو وڃي کيس پيش ڪري.  عدالت ٻنهي اڳواڻن جي ملڪيت جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ٻنهي جا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اڳوڻو ڊائريڪٽر ايل ڊي اي احد چيما کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  چيف جسٽس ثاقب نثار احد چيما کان پڇاڻو ڪيو ته سموري بربادي جو ذميوار ڪير آهي؟  جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريون اورنج لائن جو ٻيڙو ٻوڙيو هاڻي ايل ڊي اي جو.  چيف جسٽس احد چيما کان سوال ڪيو ته پيراگون سان ڪهڙو تعلق هو جو ايل ڊي اي جو معاهدو ڪيو، توهان حڪومت جا من پسند ماڻهو هئا، ايل ڊي اي جو سمورو ڪيس ئي بد نيتي جو آهي، توهان ڀکي پاور پلانٽ ۾ پگهار کڻندا رهيا.  احد چيما چيو ته ڀکي پاور پلانٽ ۾ 14 لک رپيه پگهار مقرر ڪئي وئي.  چيف جسٽس چيو ته توهان کي ڪهڙا پر لڳل هئا جو هڪ لک مان 14 لک رپيه پگهار ڪئي وئي.  عدالت احد چيما کان وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن کي سياسي فائدو پهچايو جو توهان کي نوازيو ويو، جيڪڏهن ايترو ئي ڪنهن جا منظور نظر هئا ته وڏو وزير توهان کي پنهنجي کيسي مان نوازي ها.  ان موقعي تي احد چيما موقف اختيار ڪيو ته عدالتون آزاد آهن، عدالتن سامهون پيش ٿيندس.  چيف جسٽس احد چيما کان وڌيڪ اوڳاڙيل پگهار واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  چيف جسٽس چيو ته احد چيما کان رقم واپس وٺو ۽ ادا نه ڪري ته ملڪيت ضبط ڪئي وڃي. عدالت ڊي جي ايل ڊي اي کي اي، ايل ڊي اي سٽي بابت سفارشون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. زمينن تي قبضي جي الزام ۾ ن ليگي اسيمبلي ميمبر افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر سپريم ڪورٽ پيش ٿي ويا.چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ايل ڊي اي سٽي ۽ 19 ايڪڙ زمين تي قبضي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.سفيا بي بي نالي عورت چيف جسٽس کان انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته ليگي ايم پي اي سيف الملوڪ کوکر زمين تي قبضو ڪري رکيو آهي ۽ جوابدارن طرفان سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پوليس ڪوبه تعاون نه پئي ڪري ۽ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ مدد نه پئي ڪئي وڃي.عدالت ليگي ايم پي اي افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر کي فوري طلب ڪندي ايف آءِ اي کي ٻنهي ڄڻن جي ملڪيت جو رڪارڊ به پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں