ڪراچي (چيف رپورٽر) ڪراچي سميت سنڌ ۾ 6 ڏينهن بعد سي اين جي اسٽيشن کي گئس جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي وفاق سرڪار جو چوڻ آهي ته بحران هٿراڌو پيدا نه ڪيو ويو هو پر بحران پيدا ٿيو هو، وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي معاملي جي جاچ ڪري پئي هفتي ۾ آچر سميت 3 ڏينهن ناغو رهندو 6 ڏينهن بعد سي اين جي اسٽيشن ملڻ تي گاڏيون جون ڊگهيو قطارون مچي ويون گورنر هائوس سنڌ ۾ پيٽرول واري وفاقي وزير غلام سرور خان جي اڳواڻي ۾ ٿيل اجلاس ۾ پي ٽي آئي جي پارلياماني ۽ جنرل سيڪريٽري سنڌ حليم عادل شيخ ، گورنر سنڌ جي صلاحڪار علي جونيجو سميت سي اين جي مالڪن شرڪت ڪئي ان بعد گورنر سنڌ عمران اسماعيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور چيو ته مون گيس بحران بابت سي اين جي اڳواڻن صنعتڪارن ۽ مختلف ڪمپنين سان ملاقاتون ڪيون آهن گيس پيداوار گهٽجڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سڀني ملاقاتن کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته گيس جو بحران ٿيو آهي پيدا نه ڪيو ويو آهي وزير اعظم ان معاملي تي ڪميٽي جوڙي آهي ۽ مونکي حڪم ڪيو ته اهو معاملو حل ڪرائي واپس اچو سي اين جي سيڪٽر جي گيس اڄ رات 8 وڳي کولرائينداسين سردين جي سيزن ۾ گيس 3 ڏينهن بند رهندي سوئي سدرن گيس ڪمپني لوڊ مينجمينٽ تي عمل درآمد ڪندي ڪيپٽو پاور پلانٽس سان فيصلو ٿيو آهي انهن جي به گيس جي اڌ فراهمي بند رهندي آچر جي ڏينهن گيس بند رهندي ڪيپٽو پاور پلانٽ بجلي ٺاهي ڪنهن کي فروخت نه ڪندو ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گيس جي اڌ فراهمي وارو عمل صرف 3 مهينا هوندو گهريلو ڪمرشل ۽ صنعتي صارفين کي گيس ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي پنجاب جي صنعتن کي ايل اين جي تي آندو ويو آهي پنجاب جي ڪمپنين کي سبسڊي ڏني وئي آهي گذريل 5 سالن ۾ مزدورن جو معاشي قتل ڪيو ويو آهي آئي ۽ گيس فيلڊز جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي گمبٽ فيلڊ مان سوئي سدرن گيس کي فراهمي نه پئي ٿي هاڻي گمبٽ فيلڊ مان 45 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي پيداوار ٿي آهي وزير اعلي سنڌ سان ملاقات وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪئي آهي اسان کي اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻو آهي سنڌ حڪومت به ڪراچي جا مسئلا حل ڪري ڪراچي ڪچري جو ڍير بڻجي چڪو آهي ڪراچي کي پوئتي ويندي ڏسي رهيو آهيان هڪ نئون ميرٽ آرڊر تيار ڪيو ويو آهي ايل اين جي ڱي ٽئين ترجيح تي رکيو ويو آهي فرنس آئل سان بجلي پيدا ڪرڻ سان بجلي مهنگي ملي رهي آهي ايل اين جي جي کپت وڌيڪ ۽ فرنس آئل جي گهٽ ٿيندي هي منهنجو ڪراچي جو پهريون دورو هو تمام مسئلن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪيو آهي اسان امپورٽ تي پابندي لڳائي ريفائنري کي حڪم ڏنو آهي ته اسٽوريج وڌائي وڃي سنڌ جو وزير توانائي غلط ٻڌائي رهيو آهي مان سو فيصد صحيح ٻڌائي رهيو آهيان وزير اعظم جي حڪم تي انڪوائري ٿي رهي آهي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته وزير اعظم عمران خان جي هدايت تي گيس واري معاملي کي جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيٽرول وارو وزير ان معاملي کي مسلسل حل ڪرڻ لاءِ مصروف هو سي اين جي ايسوسي ايشن ۽ صنعتڪارن سان معاهدو طئي ٿيو آهي اڄ مسئلي جو حل نڪري چڪو آهي ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته پيپلزپارٽي ٻن سو ماڻهن کي ڏهاڙي تي گهرائي احتجاج ڪيو سعيد غني سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي به احتجاج ڪري هنن جي حڪومت ۾ سنڌ جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن اڄ سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ويندو .
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟