سپريم ڪورٽ 22 خانگي اسڪولن کي فيس گهٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته خانگي اسڪولن وڌيڪ فيس نه ڏيڻ تي ڪنهن شاگرد کي ڪڍيو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن جي 20 سيڪڙو فيس گهٽ ڪرڻ وارو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي 22 خانگي اسڪولن کي پنهنجي فيس گهٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا خانگي اسڪول ايندڙ تعليمي سال جي لاءِ 5 سيڪڙو فيس ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، پر فيس ۾ 6 کان 8 سيڪڙو ريگوليٽري بارڊي جي اجازت مشروط هوندي. عدالت اسڪولن کي گرمين جي موڪلن جي ورتل فيس کي ايڊجسٽ يا ٻن مهينن ۾ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪو به خانگي اسڪول بند نه ٿيندو نه ڪنهن شاگرد کي ڪڍيو ويندو، اسڪول بند ٿيو يا ڪنهن شاگرد کي ڪڍيو ويو ته سخت ايڪشن ورتو ويندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي 22 تعليمي ادارن جي ٽيڪس جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ ايف آءِ اي اسڪولن جو ريڪارڊ تحويل ۾ وٺندي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو عبوري حڪ پهرين جي سمورن حڪمن تي تقويت رکندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں