ٿر جيتري خراب حالت ڪنهن به علائقي جي ناهي، منهنجي دوري لاءِ عارضي انتظام ڪيا ويا: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ٿر ۾ ٻارن جي موت بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته منهنجي دوري لاءِ ٿر ۾ انتظام ڪرايا ويا، ان کانپوءِ سامان واپس موڪليو ويو؟. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٿر ۾ ٻارن جي موت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ ٿر جي دوري جي حوالي سان چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته منهنجي وزت کان اڳ ٿر ۾ مريضن کي کٽن تي سمهاريو ويو اسان اتان جيئن ئي نڪتاسين ته خيما پٽي ڪلهن تي سامان کڻي ويا. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته مون پلانٽ مان پاڻي پيتو ته سمورو ڏينهن پريشان رهيس حيران آهيان ته اهو پاڻي اتان جا ماڻهو پي رهيا آهن پاڻي جي اها بوتل گڏ کڻي آيو آهيان ان پاڻي جي ٽيسٽ ڪرائينداسين، هي اهو پاڻي آهي جيڪو اتان جي ماڻهن کي پياريو پيو وڃي، وڏي وزير هڪ ڍڪ به نه پيتو، انتظاميه ڪٿي آهي؟. چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته مٺي ۾ ايڪسري مشين خراب آهي دوائون به موجود ناهن ڇا ڪو موجود آهي جيڪو اهو چوي هت سپريم ڪورٽ کي اهو نه ڪرڻ گهرجي ها. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته مٺي ۾ حالت تمام خراب آهي، اسان پاڻ حالت ڏسي آيا آهيون، اسان جي دوري وقت ڪجهه انتظام ڪرايا ويا، بعد ۾ چادرون ٽرڪ ۾ وجهي واپس موڪليون ويون اتي نرسون ۽ ڊاڪٽر اسان جي دوري لاءِ گهرايا ويا. هن جو چوڻ هو ته هي ملڪ اسان کي مفت ۾ ناهي مليو ڇا ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين؟ زندگي ۽ بنيادي حق سڀني جو حق آهي. ان کانپوءِ ٿر ۾ ٻارن جي موت بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 ڊسمبر تائين لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں