امن ۽ استحڪام لاءِ سمورن ادارن جي حمايت جاري رکنداسين، دهشتگردي کي پاڙان پٽيو ويندو: آرمي چيف

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيوآهي ته امن استحڪام جي لاءِسمورن ادارن جي حمايت جاري رکنداسين،اسان جومقصد پاڪستان جي عوام جي خوشحالي آهي افغانستان۾قيام امن جي لاءِ سمورين ڌرين جي حمايت ڪئي ويندي،پاڪ فوج جي اطلاعات واري شعبي آءِايس پي آرموجب پاڪ فوج جي سپه سالارجنرل قمرجاويد باجوه جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو۾16هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي ڪورڪمانڊراجلاس۾ايل اوسي، علاقائي سيڪيورٽي ۽ اوڀر ۽ اولهه جي سرحدن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ خطي ۾ امن استحڪام جي لاءِدهشتگردي جي خاتمي تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته دهشتگردي جي ناسورکي پاڙان پٽي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زورڏنوويوڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن دهشتگردي جي ناسورکي پاڙان پٽڻ جي لاءِعلاقائي  سوچ کي اجاگرڪيوويوڪانفرنس۾شرڪت ڪندڙن قرارڏنوته دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ جي لاءِعلاقائي تعاون ضروري آهي ڪورڪمانڊر ڪانفرنس  جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾قيام امن جي لاءِسمورين ڌرين جي حمايت  تي اتفاق جواعادوڪيو شرڪت ڪندڙن افغانستان۾مصالحتي عمل جي ڪاميابي جي توقعات  جوبه اظهارڪيوآرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه چيوته سرحد پارخطرن جوڀرپورجواب ڏنوويندوهن چيوته اسان جو مقصد پاڪستان جي عوام جي خوشحالي آهي امن۽استحڪام جي لاءِسمورن ادارن جي حمايت جاري رکنداسين جنرل قمرجاويد باجوه چيوته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي۽امن جي لاءِسمورن رياستي ادارن سان تعاون جاري رکنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں