انوشڪا، سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ انڊسٽري مان افواهون اچي رهيون هو ته اداڪارا انوشڪا شرما ۽ اداڪار سلمان خان هڪ ڀيرو وري هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا، پر هاڻ اداڪارا ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اطلاع هئا ته انوشڪا شرما کي سنجي ليلا ڀنساليءَ پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪري ورتو آهي جنهن ۾ هوءَ هڪ ڀيرو وري سلمان خان سان گڏ ڪم ڪندي. پر اداڪارا طرفان سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم سائن ڪرڻ بابت سمورين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي. انوشڪا شرما جي ٽيم ان حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وضاحت پيش ڪندي ڄاڻايو ته انوشڪا، سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي پر في الحال اهڙين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، هن ڪا به فلم سائن ناهي ڪئي، درخواست آهي ته اهڙين خبرن کي شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. واضح رهي ته انوشڪا شرما ۽ سلمان خان 2016 ۾ ريليز ٿيل بلاڪ بسٽر فلم سلمان خان گڏ ڪم ڪيو  فلم کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں