اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق جي گرفتاري، نيب قانون ۽ احتساب جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مسلم ليگ (ن) جا ميمبر آمهون سامهون اچي ويا، فواد چوڌري جي مقرري دوران ن ليگي ميمبرن جملا چوڻ شروع ڪري ڇڏيا، گوڙ کانپوءِ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ايوان مان اٿي هليو ويو، سڌ سماءَ جي وزير جي تربيت بابت لفظ ڊپٽي اسپيڪر ڪارروائي مان ڪڍي ڇڏيا قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي خيالن جي اظهار کانپوءِ جڏهن فواد چوڌري جواب ڏيڻ لاءِ اٿيو ته ن ليگ جي ميمبرن پاران گوڙ ڪيو ويو، ن ليگ جي گوڙ تي فواد چوڌري چيو ته انهن جي سياسي تربيت ۾ مسئلو آهي هي پارٽي ضياءُ ٺاهي هئي جنهن جي تربيت سٺي ناهي ٿي ان لاءِ هي ٻين جي ڳالهه نه ٿا ٻڌن. فواد چوڌري جي جواب تي ن ليگي ميمبر ڪاوڙجي پيا ۽ فواد چوڌري تي جملا چوڻ شروع ڪري ڇڏيا ان دوران ايوان ۾ گوڙ به ٿيو جڏهن ته شهباز شريف ايوان مان اٿي هليو ويو مخالف ڌر پاران فواد چوڌري کي لفظ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سڌ سماءَ جي وفاقي وزير کي لفظ واپس وٺڻ لاءِ چيو ته فواد چوڌري جواب ڏنو ته ن ليگ جي تربيت ٺيڪ ٿي، فواد چوڌري جي جواب تي هڪ دفعو ٻيهر ن ليگ گوڙ ڪيو جنهن تي فواد چوڌري چيو ته تربيت ٺيڪ نه ٿيڻ جو چوان ته کين مسئلو آهي ۽ ٺيڪ ٿيڻ لاءِ چوان ٿو تڏهن به مسئلو آهي اجلاس دوران اپوزيشن جي احتجاج تي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير جا تربيت بابت لفظ ڪارروائي مان ڪڍي ڇڏيا ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فواد چوڌري چيو ته سعد رفيق جي گرفتاري ضمانت رد ٿيڻ تي ٿي، عدالت کيس مڪمل ٻڌو ۽ پوءِ ضمانت رد ٿي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته جنهن نموني سان گذريل 10 سالن ۾ ملڪ هلايو ويو اهو سڀ جي سامهون آهي، شاهد خاقان عباسي جي ڳالهه سچي آهي ته انصاف جو عمل شفاف ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب کان ڀڄڻ وارا ناهيون جيڪڏهن مخالف ڌر کي جهڪائڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪرڻو آهي ته ان لاءِ تيار آهيون اڄ ميڊيا ٽرائل ٿي ويو ته سڀاڻي انصاف ڪٿي ملندو جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي اهو پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيندڙ شين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، انصاف ٿيندو نظر اچڻ گهرجي، اسپيڪر اسيمبلي احتساب کان نه انتقام کان پارليامينٽ ميمبرن کي بچائي ملڪ وزيرن کي فيل ڪري ڇڏيو پر وزيراعظم کين پاس ڪري ڇڏيو وزيراعظم عمران خان جو هيليڪاپٽر ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي مخالف ڌر اڳواڻ کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ته قائد ايوان کي به ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ۽ بچاءَ واري وزير جي خلاف ڪيس هلي رهيو آهي ته کيس به گرفتار ڪري جهانگير ترين بابت عدالتي حڪم آيو، اهو به آزاد گهمي رهيو آهي جيڪو معيار سعد رفيق، شهباز شريف، نواز شريف لاءِ رکيل آهي جيڪڏهن حڪومت تي لاڳو ٿيو ته 70 سيڪڙو ڪابينا ميمبر اندر نه ٿيا ته ذميوار مان آهيان. خواجا سعد رفيق پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن نيب جو ڪارو قانون آهي انساني حقن ۽ اسلامي تعليم جي خلاف آهي. اسان جي خلاف جيڪو ڪجهه ڪرڻو آحي ڀلي ڪيو پر ملڪ کي اهڙا قانون نه ڏيو جيڪي ڪارا قانون هجن. شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب اسان کان شروع ڪيو ان جا مخالف ناهيون پر مخالف ڌر کي دٻائڻ جو طريقو جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي حق ۾ ناهي اڄ نيب مخالف ڌر جي ميمبرن تي الزام مڙهي ٿو جنهن مان لڳي ٿو ته اهي سچ پچ ۾ ڏوهاري آهن اڄ ميڊيا ٽرائل ٿي ويو ته سڀاڻي انصاف ڪٿان ملندو. هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ تائين ڪيس نه ٺهي سگهيو، اسان احتساب کان نه ٿا گهٻرايون پر انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، شاهد خاقان عباسي چيو ته حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ آهي جنهن جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي پر ايف آءِ اي ايئرپورٽ تي کيس روڪي ورتو جڏهن ته زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ آهي پر وزيراعظم پنهنجي جهاز ۾ ويهاري کيس عمري تي وٺي وڃي ٿو ۽ ڪو به پڇڻ وارو ناهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو هيليڪاپٽر ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي اپوزيشن ليڊر کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ته قائد ايوان کي به ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته ڪي پي ڪي جو احتساب بيورو ٺهيو هو کربين رپينج و خرچ ٿيو ڪو ئي پڇڻ وارو ناهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب جي چيئرمين جي اڳئين ڪارڪردگي ڏسي ان جي مقرري ڪئي، جيڪڏهن احتساب چاهيو ٿا ته مون کان شروع ڪيو ۽ هر ميمبر ٻڌائي جڏهن سياست ۾ آيو هو ته ان وٽ ڇا ڇا هو ۽ اڄ ڇا آهي. هن هائوس کان احتساب شڙوع ڪيو وڃي ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته هن هائوس جا ميمبر ڪيتري ٽيڪس ڏين ٿا ادارا اوهان وٽ آهن ۽ رڪارڊ اوهان وٽ آهي معلوم ڪريو، ڪهڙي ڪرپشن ٿي آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪهڙي ڪرپشن اسان جي حڪومت ۾ ٿي، شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب اڄ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو احتساب ناهي ملڪ جي تباهي جو رستو آهي اڄ بيورو ڪريٽ ڪم نه ٿا ڪن، اڳوڻو چيئرمين اوگرا توقير صادق تي ساڍا چار سئو ارب جو ڪيس داخل ڪيو ۽ ست سال گذري ويا پر ڪجهه به ناهي ٿيو هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران واضح پابندي باوجود نيب جي چيئرمين ۽ ٻيا عملدار مخالف ڌر جي اڳواڻ جا نالا وٺي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا شفاف ٽرائل جي حوالي سان آئين جو آرٽيڪل 10 به پڙهي وٺو جيڪڏهن مخالف ڌر جو احتساب ٿي رهيو آهي ته حڪومتي اڳواڻن ۽ انهن جي عزيزن سان به رعايت نه ٿيڻ گهرجي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان پروٽيڪشن نه پر انصاف جا گهرجائو آهيون هن اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن جنهن کانپوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پاران اٿاريل نقطن جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان ڪن ٿا اسان ان جي مقرري ان جو رڪارڊ ڏسي ڪئي آهي اسان ان بابت نه پيا ڳالهيون اسان هن ايوان جي ميمبرن جي تذليل جي ڳالهه ڪئي آهي اسان احتساب جي خلاف ناهيون. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي نويد قمر چيو ته قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ تي پروڊڪشن آرڊر حق ٿي ويندو آهي، ايوان ۾ شرڪت ڪري ميمبر پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي نمائندگي ڪندو آهي، تنهنڪري سعد رفيق جو پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو وڃي. هن چيو ته سعد رفيق کي موقعو ڏنو وڃي ته اهو ايوان ۾ صورتحال کان آگاهه ڪري، گرفتاريون جاري رهيون ته اجلاس اڊيالا جيل ۾ نه گهرائڻو پوي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟