سنڌ ۾ گئس جو سنگين بحران، ٽرانسپورٽ بند، وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي قائم

0Shares

ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر+بيورو+نمائندن وٽان) سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڻڄاتل مدي تائين بند ٿيڻ ڪري بپلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب ملڪ ۾ گئس جي بحران سبب صنعتن کي سپلاءِ بند ڪئي وئي آهي. جنهن جو مقصد گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين کي گئس فراهم ڪرڻ آهي. سي اين جي اسٽيشنز بند ٿيڻ ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت اڪثر شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر آهي، بسن ۽ رڪشن ذريعي آفيس ۽ ٻين ڪمن ڪارن لاءِ ويندڙ شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪراچي ۾ سئي سدرن گئس ڪمپني آڏو سي اين جي ايسوسئيشن پاران احتجاج بعد انتظاميه ڳالهيون ڪري هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ گئس فراهمي بابت آگاهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. انتظاميه خاطري ڪرائي ته سي اين جي اسٽيشنز مسلسل بند نه رهنديون، هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ گئس فراهمي بابت آگاهه ڪيو ويندو. سئي سدرن گئس انتظاميه جو چوڻ هو ته اڄ اجلاس ڪوٺائي سي اين جي اسٽيشنز کي گئس فراهمي بابت فيصلو ڪيو ويندو. سينئير جنرل مينيجر سوئي سدرن گيس اعجاز احمد چيو ته  اھو غلط آھي ته پوري سيزن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي سپلاءِ بند ڪئي وئي آھي، گيس فيلڊ مان گيس جي سپلاءِ گهٽجي وئي آھي. هن چيو ته اڻڄاتل عرصي تائين گيس جي سپلاءِ بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو آھي، اڄ اجلاس گهرائي سي اين جي اسٽيشنن جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. سي اين جي ايسوسئيشن جي صدر سلمان احمد چيو ته سي اين جي اسٽيشنز اڻڄاتل مدي تائين بند ٿيڻ ڪري اربين رپين جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته گئس جي فراهمي بند ڪري ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بد امني جي باهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. سي اين جي ايسوسئيشن جي اڳواڻ عبدالسميع خان چيو ته اڄ تائين گئس فراهمي وارو مسئلو حل نه ٿيو ته سخصت احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڌرڻو به هڻي سگهون ٿا. ٻئي طرف سوئي سدرن ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته فني خرابي تي گمبٽ ۽ ڪنرپسا گيس فيلڊ مان گيس جي سپلاءِ گهٽ ٿي رهي آهي. سوئي سدرن جي ترجمان شهباز اسلام ٻڌايو ته سسٽم ۾ پهرين کان گيس جي گهٽتائي هئي ۽ فني خرابي جي ڪري گيس وڌيڪ گهٽ ٿي وئي. ترجمان جو چوڻ هو ته ريگولر گيس ملڻ تي سي اين جي سيڪٽر کي گيس فراهم ڪنداسين پر پهرين ترجيح گهرو صارفن کي گيس جي فراهمي آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گيس بحران تي گيس فيلڊرز ۾ ٽڪنيڪي فالٽ واري سوئي سدرن جي دعويٰ غلط آهي. انڊسٽري جي ذريعن موجب گمبٽ ۽ ڪنرپسا جي گيس فيلڊز ۾ ڪا به ٽيڪنيڪي خرابي ناهي ۽ گيس پيداوار معمول جي موجب آهي. ان کان سواءِ سي اين جي ايسوسيئيشن شبير سليمان جي چيو ته سوئي سدرن کوٽ جو منطقي جواب ناهي ڏئي رهي. هوڏانهن سنڌ سي اين جي ايسوسيشن جي سربراهه ڊاڪٽر ذوالفقار احمد يوسفاڻي، چيرمين ممتاز جتوئي، آل سنڌ وين ٽرانسپورٽ ايسوسيشن جي سربراهه حمزو بروهي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ملڪ جي 70 سيڪڙو گئس جي ضرورت پوري ڪندڙ سنڌ صوبي جي سي اين جي اسٽيشنن جي اڻ ڃاتل مدي تائين گئس جي فراهمي بند ڪري انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو آهي، عمران خان جي حڪومت نئون پاڪستان ٺاهڻ نه پر پاڪستان ڊاهڻ طرف وڃي رهي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ 650 کان وڌيڪ سي اين جي اسٽيشنون آهن، جيڪي روزانو هزارين مسافر ۽ عوامي گاڏين کي سستي اگهه تي سي اين جي فراهم ڪري رهيون آهن، هنن چيو ته وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي معطل ڪرڻ سان سي اين جي اسٽيشنن سان لاڳاپيل 40 هزار مزدورن سميت سي اين جي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار کسيو ويو آهي جنهن سان ملڪي ناڻي ۾ کوٽ سميت عوام ۾ بک بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ اضافو ٿيندو. هنن چيو ته گئس قدرتي ذريعو آهي جيڪو سنڌ مان نڪري ٿو جنهن تي پهريان حق سنڌ جو آهي هنن چيو ته ايل اين جي جا ڪنٽينر نه اچڻ جو سبب ڄاڻائي سنڌ جي سي اين جي بند ڪرڻ سنڌ سان زيادتي آهي، هنن چيو ته سنڌ پنهنجي پيداواري گئس مان 30 سيڪڙو استعمال ڪري ٿو. جڏهن ته 40 سيڪڙو ملڪ جي ٻين صوبن پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان کي ڏنو ويندو آهي. هنن چيو ته جنهن صوبي مان جيڪا پيداوار نڪري رهي آهي ان جي پهريان انهي صوبي جي عوام جو حق آهي ۽ انهي صوبي ۾ گئس جي لوڊشڊنگ جو ڪو به جواز نٿو ٿئي پر ان باجود سنڌ ۾ هٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري لکين ماڻهن جي روزگار سميت گهريلو صارفين کي پريشان ڪيو ويندو آهي. هنن چيو ته ڪراچي ۾ جاري آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيشن جي اجلاس کان پوءِ وڌيڪ جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان تي عمل ڪيو ويندو. هنن ان موقعي تي اعلان ڪيو ته 15 ڊسمبر تائين سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي شروع نه ٿي ته 16 سنڌ پنجاب رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا ۽ سڄي سنڌ ۾ ڦيٿا جام هڙتال ڪئي ويندي جنهن جي ذميواري وفاقي حڪومت تي هوندي. ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪيپيٽو پاور پلانٽس، صنعتن کي سي اين جي اسٽيشنز کي سي اين جي جي بندش ۽ گهرن ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ جي خلاف فنڪشنل ليگ جي پارلياماني ليڊر نند ڪمار گوپلاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته صوبي ۾ اغوا جي وڌندڙ ڏوهن تي تحريڪ التوا به سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي اربع ۾ جمع ڪرايل قراراداد ۾ چيو ويو آهي ته پاور پلانٽس گهرن، صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس تڪڙي فراهم ڪئي وڃي سنڌ حڪومت وفاق سان رابطو ڪري گيس جي معاملي تي تڪڙو قدم کڻي. نند ڪمار گوپلاڻي حڪمرانن کان سوال ڪيو ته ملڪ جي ضرورتن جو 71 سيڪڙو گيس پيدا ڪندڙ صوبو گيس کان ڪيئن محروم ڪيو ويو هي صوبي جي عوام سان وڏي زيادتي آهي صوبائي حڪومت خاموش ويهڻ بدران گيس بند ڪرڻ واري معاملي ۾ عملي قدم کڻي ۽ جلد کان جلد  وفاق سان رابطو ڪري ٻئي صورت ۾ عوام وڌيڪ بيچيني جو شڪار ٿي سگهي ٿو هن چيو ته گيس جي بندش سان صوبي ۾ بحران واري ڪيفيت پيدا ٿي وئي آهي صنعتڪار، سي اين جي اسٽيشن مالڪ پريشان آهن صورتحال تي ترت ضابطو نه ڪيو ويو ته بيروزگاري وڌڻ جو خدشو آهي نند ڪمار گوپلاڻي چيو ته فنڪشنل ليگ گيس متاثرن ۽ صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڏيندي پاور پلانٽس، گهرن، سي اين جي اسٽيشنز ۽ صنعتن کي گيس جي بحالي تائين اسان سک سان نه ويهنداسين. ان کانسواءِ سنڌ ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ ۽ اغوا جا وڌندڙ ڏوهه ۽ سکر ۾ اڳواڻ رميش ڪمار جي اغوا خلاف نند ڪمار گوپلاڻي تحريڪ التوا سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪري ڇڏي هن التوا واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته رميش ڪمار کي ڏينهن ڏٺي سکر مان اغوا ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اغوا جي ڏوهن سان هندو برادري ۾ بي يقيني پکڙيل آهي نندڪمار چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت اقليتن خاص ڪري هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي سنڌ حڪومت امن قائم ڪرڻ ۽ ڪرائيم فري شهر جي دعويٰ ڪندي نه ٿي ٿڪجي هن مطالبو ڪيو ته حڪومت بنا دير رميش ڪمار کي آزاد ڪرائي. حڪومت هندو ڪميونٽي جي تحفظ لاءِ قدم کڻي ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ دعوا ڇڏي عملي ڪم ڏيکاري. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ جاري گيس بحران تي سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي ايم ڊيز خلاف انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ جاري گيس بحران تي هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي، پيٽروليم، پاور ڊويزن جي وزيرن ۽ ٻين ادارن جي سينيئر اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ گيس جي بحراني صورتحال، گيس جي پيداوار ۽ ضرورتن بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻنهي ڪمپنين نااهلي جو مظاهرو ڪيو ۽ گيس جي طلب ۽ رسد جي ڄاڻ لڪائي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي ايم ڊيز خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو. وزيراعظم سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جي ايم ڊيز خلاف جاچ ڪارروائي 72 ڪلاڪن ۾ پوري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيٽروليم وارو وزير جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري. وزيراعظم ان حوالي سان چار رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن وزيراعظم جي هدايت تي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. چيئرپرسن اوگرا عظميٰ عادل خان فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن هوندي، ڊي جي نجڪاري ڪميشن قاضي سليم صديقي، ڊي جي گيس شاهد يوسف ۽ ڊي جي ايل جي عمران احمد ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں