نيب پي ٽي آءِ حڪومت جي ونگار پئي وهي، کانئس مخالفن کي چٿڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي: بلاول

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) شهيد بينظير ڀٽو جي 11 هين ورسي جي تيارين جي حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو اجلاس ۾ نيئر بخاري قائم علي شاهه خورشيد احمد شاهه قمرزمان ڪائره مخدوم احمد محمود نثار کهڙو لطيف اڪبرعلي محمد همايون خان وقار مهدي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ مان لکين ڪارڪنن ۽ عوام ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ خدابخش ڀٽو ايندو ورسي ۾شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ اپاءُ ورتا ويندا اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته نيب پي ٽي آءِ حڪومت جي ونگاروهي رهيو آهي خواجا سعد ۽ سندس ڀاءُ جي گرفتاري نيب جي جانبداري کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ان سان ثابت ٿي ويو آهي هڪ نيب کي سياسي مخالفن کي ڇٿڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي هن چيو ته جيڪڏهن نيب انڪوائري آڌار گرفتاريون پٿي ڪري ته حڪمران جماعت جا ماڻهو ڇو ٻاهر آهن هن چيو ته قانون جو استعمال سڀني لاءِ هڪ جهڙو هئڻ کپي بلاول ڀٽو چيو ته نيب جيڪو ڪجهه ڪري پئي ان مان انتقام جي بوءِ اچي رهي آهي نيب اڄ به اهو ئي ڪم پئي ڪري جيڪو مشرف دور ۾ ڪندي هئي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ان راءِ سان اتفاق ڪيو ته قوم جي اجتماعي فيصلي خلاف پنهنجي ڪن پتلين کي اقتدار ۾آڻڻ لاءِ شرمناڪ ڊرائي ڪلينگ مهم هلائي وئي جنهن بعد پي ٽي آءِ حڪومت مخالف مخالف جماعتن خاص طور پ پ کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بنائڻ جي مهم شروع ڪري رکي آهي اجلاس ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ حڪومت جعلي ۽ سطحي منصوبن جو دهل ته وڄائي رهي آهي پر حقيقت ۾ ان جي ڪمزور پاليسين مهانگائي کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت کي بربادي جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي  اجلاس  پي ٽي آءِ حڪومت پاران حددخلين خلاف جاري  ظالماڻين ڪارروائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو  جنهن دوران هزارين ماڻهو روزي ڪمائڻ کان محروم ٿي رهيا آهن شريڪ اڳواڻن چوڏهو ته پ پ قيادت ماضي تي آمرن ۽ سندس ساٿارين جن ظالمن کي منهن ڏيندي رهي آهي پر ڪڏهن به پنهنجي نظرئي ۽ جدوجهد تي مصلحت جو شوڪازنه ئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں