صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، ٿرڪول ملڪي ترقي ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو: چيف جسٽس

0Shares

مٺي/اسلام ڪوٽ (ڊ ر+ن هه) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي ٿر جو دورو ڪيو. انهيءَ موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان جسٽس فيصل عرب، جسٽس اعجاز الاحسن، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ، رجسٽرار سپريم ڪورٽ رجسٽري ارباب شهزاد ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه پڻ گڏ هئا. چيف جسٽس، سنڌ جو وڏو وزير، ٻيا جسٽس، چيف سيڪريٽري سنڌ مائي بختاور ايئرپورٽ اسلام ڪوٽ کان هيليڪاپٽر ذريعي مٺي پهتا. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار کي مصري شاهه آر او پلانٽ بابت ٻڌايو ويو ته آر او پلانٽ ۾ 20 لک گيلن پاڻي روزاني جي گنجائش آهي ۽ جنوري 2015ع کان اهو فعال آهي، اهو آر او پلانٽ ايشيا جو سڀ کان وڏو آر او پلانٽ آهي جيڪو سولر انرجي تي آهي، اهو آر او پلانٽ 50 هزار جي آباديءَ کي پاڻي فراهم ڪندو آهي. اهو آر او پلانٽ 2 لک جانورن لاءِ پڻ ضرورتون پوريون ڪندو آهي. نئين ڪوٽ کان ڪينال واٽر 3 لک گيلن ڏهاڙي مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي ماڻهن پهچائيندو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار آر او پلانٽ جو پاڻي پي ڪري چڪاسيو. چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير مٺي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتي ٻارن جي نرسري جو دورو ڪيو. چيف جسٽس وڏي وزير سان گڏ مريضن ۽ گڏ آيلن سان ڳالهه ٻول ڪئي. چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو ته سول اسپتال 174 بسترن تي ٻڌل آهي ۽ ٻارن جي نرسري ۽ اين آءِ سي3 وي ڊي بلاڪ به آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان اسپتال جو داخلا رجسٽر چيڪ ڪيو. چيف جسٽس ثاقب نثار مٺي اسپتال جون دوائون پڻ چيڪ ڪيون. چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏيپلي اسپتال جو دورو ڪيو، جنهن بعد چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وڏو وزير ٿر جي ڳوٺ ڪوڙيو ٺاڪر پهتا. چيف جسٽس پاڪستان ڳوٺ تعلقي ڏيپلي ڪوڙيو ٺاڪر اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ڪلاس روم ۽ ٽوائلٽ جو معائنو ڪيو.  چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار ٿر ڪول بلاڪ ٽو جو به دورو ڪيو جتي هن سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي جاري ڪيل اوپن پٽ مائن جي ڪمن جو جائزو ورتو. ان سان گڏوگڏ اينگرو پاور جين ٿر لميٽڊ جي 660 ميگا واٽ واري بجلي گهرن جو پڻ جائزو ورتائون. سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي بورڊ آف چيئرمين خورشيد جمالي ۽ سندس ٽيم کين آجيان ڪئي. چيف جسٽس پاڪستان کي سي اِي او سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپنيءَ جي سيد ابوالفضل رضوي مائننگ پروجيڪٽس ۽ ٿر فائونڊيشن جي ڪمن جي حوالي سان ٻڌايو. جڏهن ته سي اِي او اينگرو انرجي احسن ظفر سيد چيف جسٽس پاڪستان کي پاور پروجيڪٽس تي تفصيلي بريفنگ ڏني. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي بورڊ چيئرمين خورشيد جمالي، چيف ٿر ڪول بلاڪ ٽو پراجيڪٽس تي بريفنگ ڏني. سي اِي او اينگرو انرجي احسن ظفر سيد چيف جسٽس پاڪستان کي پاور پروجيڪٽس جي حوالي تي تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي. چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار کي مائننگ پروجيڪٽس بابت سي اِي او سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني سيد ابوالفضل رضويءَ به تفصيلي آگاهي ڏني. هن چيف جسٽس پاڪستان کي سماجي ترقيءَ وارن ڪمن بابت آگاهه ڪيو، ٿر فائونڊيشن جي سماجي ڪمن جي حوالي سان چيف جسٽس پاڪستان سندس دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته فائونڊيشن پاران سماجي ترقيءَ لاءِ بهترين رٿائون هلندڙ آهن، صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ، روزگار سميت سماجي ترقيءَ جي سمورا ڪم ٿر فائونڊيشن پاران ڪري رهيا آهيون. ٿر فائونڊيشن پاران 24 اسڪول يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، ماروي ڪلينڪ، گوڙاڻو ڪلينڪ صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسلام ڪوٽ ۾ ٿر فائونڊيشن پاران 80 بسترن جو اسپتال تعمير ٿي رهيو آهي. اسڪل ڊولپمينٽ واري پروجيڪٽ تحت 1200 ٿرواسين کي مختلف سکيا ڏني وئي آهي. ٿر جي شاگردن کي انجنيئرنگ جي سکيا جي پروجيڪٽ هلندڙ آهن. ٽريني انجنيئر پروگرام ڊپلوما آف انجنيئرنگ اينڊرائڊ ۽ ويب ڊولپر، ريفريجريٽر، اي سي ڪمينڪ سميت ٻيا ڪيترا ئي تربيت جا پروگرام جاري آهن. پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ ڪول بلاڪ ٽو ۽ گوڙاڻو ۾ آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن. اسلام ڪوٽ شهر جي جٽادار ترقيءَ تحت 2024ع تائين ماڊرن ۽ ماڊل شهر بڻايو ويندو. بايو سي لائين پروجيڪٽ تحت جر جي کاري پاڻيءَ مان زراعت جا تجرباتي ترقياتي منصوبا لڳايا ويا آهن. جر مان پاڻي کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ سان ٿر ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ کي روڪي سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٿر فائونڊيشن پاران عورتن جي خودمختياري لاءِ عورت ڊمپر ڊرائيور پروگرام، عورت وينڊر پروگرام، خوشحال ناري پروگرام هلندڙ آهن. جڏهن ته ٿر فائونڊيشن پاران بلاڪ ٽو جي 1600 گهراڻن ۾ چوپائي مال جو چارو روهايو ويو آهي. چيف جسٽس بلاڪ ٽو جي متاثرن لاءِ بڻايل گهرن جو معائنو ڪيو. چيف جسٽس پاڪستان گوڙاڻو ۾ ٻوٽو پڻ پوکيو.  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سنڌ حڪومت جي اپائن جي واکاڻ ڪندي چيو ته جيڪا کاڌ خوراڪ جي گهرج آهي اها سنڌ حڪومت سٺي ريت فراهم ڪري رهي آهي. صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ٿر ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مون ڏيپلي اسپتال جو دورو ڪيو آهي جتي ايڪسري جي وڏي مشين خراب هئي ۽ ننڍي مشين ناڪافي هئي. هن چيو ته ٿر جي اسپتالن ۾ آپريشن ٿيٽر آهن پر مونکي ڪوبه سرجن نظر نه آيو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته مون ٿر ڪول مائننگ ۽ پاور پلانٽ پروجيڪٽس جي پريزنٽيشن ۽ ڪول مائن جو پڻ دورو ڪيو. هن چيو ته اهو زبردست ڪم آهي جيڪو ملڪ جي ترقيءَ ۾ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو، ان سان سنڌ به زبردست ترقي ڪندو. ڏيپلو ويجهو مون اسڪول جو جائزو ورتو، جنهن جي حالت سٺي نه هئي. هن چيو ته مون گڏ سنڌ جو وڏو وزير آهي جيڪو ان حوالي سان اپاءَ وٺي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں