آخري ساهه تائين ڳائيندي رهنديس: لتا منگيشڪر

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر چيو آهي ته هوءِ اڃا رٽائر نه ٿي آهي ۽ پنهنجي آخري ساهه تائين گلوڪاري ڪندي رهندي. ميڊيا رپورٽن مطابق لتا منگيشڪر گذريل هفتي سوشل ميڊيا تي پنهنجو گانو ” اتا وساويا چاڪشن “ پوسٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس رٽائرمينٽ جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون. جن جي وضاحت ڪندي هن چيو ته هوءَ اڃا رٽائر نه ٿي رهي آهي، پنهنجي آخري ساهه تائين گلوڪاري ڪندي رهندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں