لاهور(بيورو) پيراگون هائوسنگ اسڪينڊل ضمانت واري درخواست رد، خواجه سعد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق نيب هٿان گرفتار. تفصيل موجب اڳوڻو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ خواجه سلمان رفيق گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جتي جسٽس طارق عباسي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. خواجه ڀائرن جي وڪيل اعظم نذير تارڙ ۽ خواجه امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته نيب پاران ڪي به ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا، جنهن تي عدالت ٻنهي ڀائرن جي ضمانت واري درخواست ۾ 13 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ان موقعي تي خواجه ڀائرن جي وڪيل پاران استدعا ڪئي وئي ته ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪئي وڃي، عدالت واڌ جي درخواست رد ڪري بحث اڄ ئي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ۽ خواجه ڀائرن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته پيراگون هائوسنگ ڪيس جي هڪ جوابدار قيصر امين بٽ کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ کيس سلطاني شاهد بڻائي 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، جڏهن ته بيان جي ڪاپي به نه پئي ڏني وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان کي ثبوتن جي ڪاپي ته فراهم نٿي ڪري سگهجي. عدالت خواجه ڀائرن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ نيب جي ٽيم کين گرفتار ڪري ورتو. نيب جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته خواجه ڀائرن کي پيراگون سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته عدالتي فيصلي سان نيب پاران جوابدارن خلاف پيش ڪيل ثبوتن جي تصديق ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب لاهور کي تبديل ڪرائڻ وارو معاملو به غور هيٺ آيو، نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب چيئرمين خواجه ڀائرن جي درخواست تي فيصلو ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي. نيب لاهور پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب خواجه سعد رفيق پنهنجي گهرواري، ڀاءُ سلمان رفيق، نديم ضياءُ ۽ قيصر امين بٽ سان گڏجي ايئر ايونيو سوسائٽي ٺاهي، جنهن جو نالو بعد ۾ تبديل ڪري پيراگون رکيو ويو، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته خواجه سعد رفيق پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غير قانوني هائوسنگ سوسائٽي جي تشهير ڪئي ۽ ساٿين سان گڏجي عوام کي دوکو ڏنو ۽ اربين رپيا ڪمايا. نيب جي پڌرنامي موجب خواجه ڀائرن تي پيراگون سٽي ڪرپشن ۾ مبينا طور تي مالي فائدا حاصل ڪرڻ جو الزام آهي، جن 4 ارب رپين جي زمين وڪرو ڪئي، جڏهن ته خواجه ڀائرن ۽ نديم ضياءُ اربين رپين جا بي نامي اڪائونٽس پڻ ٺاهيا هئا، 2013ع ۾ سمورين هائوسنگ اسڪيمن جو رڪارڊ ايل ڊي اي ۾ جمع ٿيو پر پيراگون جو رڪارڊ جمع نه ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟