سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ گهرن ۽ ڪاروباري جڳهن تي حددخلين خلاف آپريشن في الحال روڪي ڇڏيو، پلان طلب

0Shares

ڪراچي(رپورٽ: منصور کوکر) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪراچي حددخلين ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان گهر ڊاهڻ جو حڪم ناهي ڏنو، ڪراچي ۾ وڏا مسئلا آهن سرڪاري گهرن تي ماڻهن جو قبضو آهي اسان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ته هتي هنگامو شروع ٿي ويو ٻڌي ڇڏيو غير قانوني قبضا ڪڏهن به برداشت نه ڪندس، جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو قبضا خالي ڪرايو. ڪراچي صاف ڪريو، وفاق ، سنڌ حڪومت ۽ ميئر گڏجي ويهي معاملو ڏسن. آپريشن جي متاثرن کي جيڪڏهن متبادل جڳهه ڏيڻي آهي ته اها سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اربع صبح 8 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي. اڱاري تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن بابت نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي ٿي اٽارني جنرل منصور احمد خان ڪراچي ميئر وسيم اختر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين عدالت ۾ پيش ٿيا، سنڌ حڪومت پاران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سلمان طالب الدين پيش ٿيا، جڏهن ته ڪراچي جو ميئر وسيم اختر جي غير موجودگي تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وسيم اختر کي ترت طلب ڪري ورتو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ نظرثاني جي درخواست تي دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته سڄي شهر ۾ حددخلين جي خلاف ڪارروائي تي خدشا آهن هن موقف رکيو ته آپريشن کي بهتر نموني ڪري سگهجي ٿو جنهن دڪاندار جو دڪان ويو ان جو ته روزگار ئي هليو ويو آهي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي جو علائقو خالي ڪرايو ويو آهي اسان جو پهريون حڪم اهو هو ته ايمپريس مارڪيٽ جون حددخليون ختم ڪريو ۽ هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته پنهنجو فرض پورو ڪري ۽ متاثرن کي جيڪڏهن متبادل جڳهه ڏيڻي آهي ته سنڌ حڪومت ڏئي اسان ڪڏهن روڪيو آهي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته اسان ايمپريس مارڪيٽ کي ماڊل طور صاف ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ هاڻي تاثر ڏنو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي هر ماڻهو چاهي ٿو ته روڊ ، رستي ۽ فٽ پاٿ تي حددخليون ختم ٿين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون تي عمل ٿي رهيو آهي ۽ اوهان کي ۽ وفاقي حڪومت کي پريشاني وڪوڙي وئي آهي اوهان کي اندازو ناهي ڪراچي جي ميئر پنهنجو سياسي مستقبل داءِ تي لڳائي ڇڏيو آهي اسان کي هر حال ۾ قانون جي بالادستي گهرجي اسان ڪراچي کي بهتر بنائڻ چاهيون ٿا پر اوهان ماڻهن جي مصلحت رنڊڪ  بڻجي رهي آهي اسان کي هر حال ۾ قانون جي مٿڀرائپ گهرجي اٽارني جنرل انور مقصود خان چيو ته اسان ڪراچي وارا آهيون اسان به سڌارو چاهيون ٿا ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سان مقالمي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ وڏا اسان گهر ڊاهڻ جو حڪم ناهي ڏنو، ڪراچي ۾ وڏا مسئلا آهن سرڪاري گهرن تي ماڻهن جو قبضو آهي اسان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ته هتي هنگامو شروع ٿي ويو. گورنر صاحب فون ڪري چيو ته هتي امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ڇا اهڙي طرح غيرقانوني قبضو ڪندڙن کي ڇڏي ڏيون ماڻهن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ اسان رياست جي رٽ ختم ڪري ڇڏيون ڇا قبضا مافيا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيون ڪراچي کي ائين ڇڏي ڏيون جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اسان ڪارروائي روڪي ڇڏينداسين ته ان جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، متاثرن جي بحالي ۽ متبادل جڳهه جو انتظام حڪومت پاڻ ڪري. ايڊووڪيٽ جنرل اپيل ڪئي ته چئن هفتن جو وقت ڏيو مسئلي جو حل ڪڍنداسين. ڪراچي جي ميئر چيو ته اسان عمل ڪري رهيا آهيون بس گهرن کي نه ٽوڙيو وڃي  جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان گهر ڊاهڻ جو حڪم ناهي ڏنو اوهان پاڻ ڪري رهيا آهيو ته اسان جو مسئلو ناهي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان ڏٺو هو ته نالي تي عمارت ٺهيل آهي ان جو ڇا ٿيو، ڊي جي ايس بي سي اي چيو ته نهر خيام تي هڪ عمارت ٺهيل آهي، چيف جسٽس ڪراچي جي ميئر سان مقالمو ڪندي چيو ته اوهان فيصلو ڪريو جيڪو ڪرڻو آهي ۽ قانون موجب ڪم ڪريو اوهان کي هڪ هڪ پارڪ جي زمين خالي ڪرائڻي پوندي ڪراچي جي ميئر عدالت کي ٻڌايو ته باغ ابن قاسم ۾ هڪ عمارت آهي اتي هٿيار کڻيو ماڻهو بيٺل آهن ۽ اهو معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ميئر صاحب اوهان کي ڪنهن ناهي روڪيو ڪم جاري رکو ڪير آهي قبضو ڪندڙ ٻڌايو هاڻي هاءِ ڪورٽ مان فائل گهرايون ٿا چڱي ريت ٻڌي ڇڏيو غير قانوني عمارت ۽ قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين چيف جسٽس ڪراچي جي ميئر کي چيو ته اوهان کي اسان مڪمل سپورٽ ڪنداسين سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ڪراچي جو ميئر گڏجي حڪمت عملي جوڙين جيڪو ڪجهه به ڪريو پر قبضا ختم ڪرايو. چيف جسٽس ڪراچي جي ميئر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته حددخلين جي خلاف آپريشن ۾ ڪهڙيون رنڊڪون آهن ڇا سنڌ حڪومت کي نالن تي قبضا خالي ڪرائڻ تي اعتراض آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي اپيل ڪئي ته اوهان ڪراچي جي ميئر کي چئن هفتن لاءِ آپريشن کان روڪيو هو تيزيءَ سان حددخليون ڪيرائي رهيو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ڇو روڪيون سنڌ حڪومت چوڻ چاهي ٿي ته قبضا ٿي ويا آهن هاڻي کين قانوني تحفظ ڏيو، سلمان طالب الدين موقف اختيار ڪيو ته حددخلين جي خلاف گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن ۽ ڪراچي جي ميئر وٽ بحاليج و ڪو به پلان ناهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي جي ميئر سڄو پلان جوڙي ڇڏيو آحي جڏهن ته بحالي جو منصوبو بنائڻ ته سنڌ حڪومت جو ڪم آهي اسان حددخلين خلاف آپريشن بند نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته هاڻي جيڪڏهن اسان روڪي ڇڏيو ته ٻيهر هي ڪڏهن به نه ٿيندو . هن چيو ته اوهان پاڻ ۾ فيصلو ڪريو ته ڪم ڪيئن ڪرڻو آهي اسان رات جو به هتي ويٺا آهيون جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته اها ڪارروائي جاري رهڻ گهرجي جيڪڏهن اهو سلسلو ٽٽي ويو ته پوءِ ڪم ٿيڻ مشڪل آهي ٽئي عملدار ٿڌي دماغ سان فيصلو ڪري اچن، ٻڌڻي دوران هڪ شهري پي پي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير اويس مظفر ٽپي جي شڪايت ڪندي چيو ته عدالت کي ٻڌايو ته شاهه لطيف ٽائون ۾ ناجائز قبضو آهي، بيواهون روئن ٿيون ۽ هي قبضا اويس مظفر ٽپي ڪرايا آهن جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪرايو ته ڪير آهي ٽپي، ۽ ڪٿي آهي ٽپي، کيس سڀاڻي پيش ڪيو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب جي حڪومت يا ڪنهن وزير ڪٿي قبضو ڪيو آهي ته جلد خالي ڪريو، ميئر صاحب اوهان به ڪن کولي ٻڌي ڇڏو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪنهن اڳواڻ يا ڪنهن قبضو ڪيو آهي ته خالي ڪري ڇڏيو اوهان صفائي پنهنجي گهر کان شروع ڪيو ۽ ماڻهن لاءِ مثال بڻجو ڪنهن جي قبضي جي نشاندهي ٿي وئي ته اسان ان کي نه ڇڏينداسين. چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح 8 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں