بحريا ٽائون کي ڏنل 11 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي ليز رد ڪرڻ جي منظوري

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ حڪومت بحريا ٽائون کي ڏنل 11 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي ليز رد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، بحريا ٽائون کان زمين واپس وٺڻ يا ساڳي زمين واپس ڪري نئين اگهه تي ٻيهر الاٽمينٽ سان ڏيڻ جو امڪان. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر محمد حسين سيد جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي سي ملير شهزاد فضل عباسي، ڊائريڪٽر جنرل ايم ڊي اي عمران عطا سومرو، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن آفتاب احمد ميمڻ ، مڪاني کاتن جو سيڪريٽري خالد حيدر شاھ شريڪ هئا،  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي ڏنل هدايت تي عمل ڪندي بحريا ٽائون کي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان جنوري 2014 ۾ 11 هزار 68 ايڪڙ هڪڙي زمين ۽ ساڍا 14 ايڪڙ ٻي زمين جي الاٽيمنٽ جا ٻئي آرڊر رد ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي ٿي، انهي ڪاميٽي طرفان اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان فيصلي خلاف متاثر ڌر ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪري سگهندي، جڏهن ته ڪاميٽي ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته زمين الاٽ ڪندڙ آفيسرن کي پڻ وائکو ڪري انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪاميٽي جي فيصلي تي ڊي سي ملير عمل ڪرائيندو. ذريعن موجب اهڙي فيصلي کانپوءِ بحريا ٽائون جي انهي زمين جي ليز رد ٿيڻ کانپوءِ اها واپس وٺڻ يا وري ساڳي زمين نئين اگهه تي ٻيهر الاٽ ڪرڻ جو امڪان آهي. ڇاڪاڻ ته ذريعن جو چوڻ آهي ته زمين جي ٻيهر ليز نئين رقم تي ٿيڻ جي صورت ۾ به بحريا ٽائون کي ئي ترجيح ڏني ويندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں