منرل واٽر ڪمپنين تي ٽيڪس مان ڊيم لاءِ اربين رپيا حاصل ٿيندا: چيف جسٽس

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي نئين عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطا ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته سپريم ڪورٽ جي نئين عمارت جي سخت ضرورت هئي. هن چيو ته صوبن ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري جي ضرورت وڌي وئي آهي، عمارتون ادارا ناهن هونديون، هن عمارت ۾ ويٺل ماڻهو انصاف جون گهرجون پوريون ڪن، انصاف ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ٿوري ڪوشش سان اسان خامين کي ختم ڪري سگهون ٿا ۽ ان خامين تي قابو آڻي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جي حوالي سان حالتون سٺيون ناهن ۽ وزيراعظم به چيو ته 2025ع ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري پاڻيءَ جي استعمال ۾ احتياط ڪيو وڃي ۽ ٻين ضرورتن لاءِ بچائي رکيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڊيم جي تعمير جو خيال آيو، ڇاڪاڻ ته ڪوئيٽا ۾ پاڻيءَ جي سطح تمام گهڻو هيٺ هلي وئي آهي، خبر ناهي ته ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪيئن ٿي پر جڏهن ڪميشن جڙي، تڏهن خبر پئي ته هڪ مافيا به آهي. چيف جسٽس چيو ته بهتر مئنيجمينٽ سان پاڻيءَ جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، منرل واٽر ڪمپنيون ست ارب گيلن پاڻي استعمال ڪري رهيون آهن، جن کان هڪ ليٽر تي هڪ رپيو ٽيڪس وصول ڪئي ويندي، هاڻ ان رقم مان ڊيم لاءِ ڪيترائي ارب رپيا حاصل ٿيندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں