گئس بحران شدت اختيار ڪري ويو، گهرن ۾ پريشر گهٽ، صنعتن ۽ سي اين جي اسٽيشنز کي فراهمي بند

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سنڌ ۾ گئس جو بحران شديد صورت اختيار ڪري ويو آهي، سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب سڄي سنڌ ۾ سي اين جي/ اسٽيشنن کي اڻ چاڻايل مدي لاءِ گئس جي فراهمي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بجلي پيدا ڪندڙ صنعتن کي به گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 3 گئس فيلڊز بند آهن، جنهن جي ڪري صوبي ۾ گئس جو بحران سنگين ٿي ويو آهي. ٻئي طرف سي اين جي ايسوسيئيشن جي نمائندن سئي سدرن جي فيصلي خلاف سڀاڻي سئي سدرن جي آفيس آڏو احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته گئس جي فراهمي ۾ وقفي جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن گئس فراهم نه ڪئي وئي ته هو شاهراهه فيصل بلاڪ ڪري ڇڏيندا، ماهرن موجب سنڌ ۾ پهريون ڀيرو مسلسل ٽئين ڏينهن سي اين جي بند ڪئي وئي آهي، هوڏانهن سڄي سنڌ م گئس جي بحران سبب ڪراچي ۾ به گهرو واهپيدارن کي گئس جي فراهمي ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ سڄو ڏينهن گئس جو پريشر نه هئڻ برابر آهي، جنهن سبب عورتن کي رڌ پچاءُ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. سئي سدرن گئس جي ترجمان موجب ڪوئيٽا ۽ اندرين سنڌ ۾ سردي وڌڻ به گئس پريشر ۾ گهٽتائيءَ جو سبب آهي. هوڏانهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر سراج قاسم تيلي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ خزاني واري وزير جي خاطرين باوجود گئس معاملي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته پنهنجو واعدو پاڙيندي سئي سدرن کي گئس جي بندش کان روڪي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں