وفاقي ڪابينا جو 9 ڪلاڪ اجلاس، وزيرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽن مهينن جي مهلت

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جيڪو لڳ ڀڳ 9 ڪلاڪ جاري رهيو ۽ ان دوران عمران خان وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو، وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس 9 ڪلاڪ جاري رهيو. ڊگهي اجلاس ۾ 26 وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته باقي وزارتن جي جائزي لاءِ تاريخ جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ هر ٽن مهينن کانپوءِ وزارتن جي ڪارڪردگي جو باقاعدي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت کي 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪابينا جو خاص اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ ڊويزن پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي جي تازي رپورٽ جو جائزو پيش ڪيو، جڏهن ته وزارتن، ڊويزنز ۽ صلاحڪارن جي حوالي سان کاتن طرفان ٽن مهينن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. ان دوران گذريل ٽن مهينن لاءِ سروس ڊليوري ۽ سادگي مهم جي قدمن سميت وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هن ٽن مهينن کانپوءِ وفاقي ڪابينا ۽ ادارن جي ڪارڪردگي تي جائزي لاءِ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سمورين وزارتن کي عمل لاءِ خاص اسٽريٽيجڪ پلان حوالي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ اجلاس هر ٽن مهينن کانپوءِ گهرائڻ سان درست نشاندهي ممڪن ٿيندي، ان جو مقصد ايندڙ 5 ورهين ۾ وزارتن جي ڪارڪردگي کي وڌ کان وڌ بهتر ڪرڻ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان کانسواءِ اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هر وزارت عملدرآمد جو 5 سالن لاءِ مخصوص اسٽريٽيجڪ پلان ٺاهيندي، ٽن مهينن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ جتي ضرورت پئي ته سڌارا آندا ويندا، ان ريت حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ جن جي ڪارڪردگي اعتبار جوڳي نه هوندي ته وزيراعظم انهن جا قلمدان به تبديل ڪري سگهي ٿو. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، محنت ۽ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ته جيئن عوام جي زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي وزير حدف حاصل ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙي انهن جي حاصلات يقيني بڻائين، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، عوام کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں