ڪچي کي پليون اڏي شهرن سان ڳنڍڻ جو فيصلو، موبائيل خريد ۽ وڪري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي، اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس خاص جج ٻڌندا

0Shares

ڪراچي  (رپورٽ :  منصرر کوکر) ايپڪس  ڪميٽي جي 23  هين اجلاس  ۾ ڪچي   کي  پلين  ۽ رستن وسيلي شهرن سان ڳنڍڻ،  موبائيل فون جي خريد  ۽  وڪري  لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ کي لازمي  قرار ڏيڻ،  اسٽريٽ  ڪرائيم  جا ڪيس خاص  مئجسٽريٽن  کي موڪلڻ،  ڪالعدم   تنيمن جو 19  ڪارڪنن  جي آزادي خلاف اپيلون  6 داخل  ڪرڻ، مکيه  رستن   تي مدرسن   جي اڏاوت لاءِ اين او  سي نه ڏيڻ، سيف سيٽي کي پائليٽ  پروجيڪٽ طور شروع ڪرڻ، سنڌ بلوچستان سرحد تي ٿاڻن ۽  چوڪين جي هفتيوار اڳڀرائي رپورٽ حڪومت سان شيئر ڪرڻ سميت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي آپريشن جي ڪاميابيءَ جو ئي نتيجو آهي ته هاڻ اسان ايپڪس ڪميٽي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، سماجي ترقي ۽ جٽادار  امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون نه ته اسان ان کان پهرين اجلاسن ۾ دهشتگردي، مافيا ۽ گينگ آپريشن بابت ئي ڳالهائيندا ۽ ويچار ڪندا هئاسين. هن اها ڳالهه سنڌ ايپڪس ڪمٽيءَ جو 23 هون اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر ڪراچي همايون عزيز، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ايڊووڪيٽ جنرل، ڊي جي رينجرز ميجر جرنل محمد سعيد، آءِ جي پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير احمد، پروسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ 22 هين ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد، هاڻوڪي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ، نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو، انسداد دهشتگريءَ ڪيسن جي انويسٽيگيشن ۽ پروسيڪيوشن تي خيالن جي وٺ شامل هئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ امن امان واري صورتحال بهتر آهي پر ٽن واقعن قائد آباد لانڍي ۾ ڌماڪو، چائنيز قوصليٽ تي حملو ۽ گلستان جوهر ۾ ميلاد واري محفل ۾ ڌماڪو تمام افسوسناڪ هئا. هن چيو ته اسان سڀني کي سڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏيڻو آهي. ان سان اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي ته اسان کي امن امان جي صورتحال کي هر صورت ۾ برقرار رکڻ گهرجي. ايپڪس ڪميٽيءَ 22 هين ايپڪس اجلاس جا منٽس منظور ڪيا. گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير احمد ٻڌايو ته ايپڪس ڪميٽي جي 22 هين اجلاس جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن جي مانيٽرنگ لاءِ ورڪنگ گروپ کي قائم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو گروپ گهرو سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته مذهبي مامرن وارو سيڪريٽري، پوليس، امن امان قائم ڪندڙ ادارا، سوشل ويلفيئر، انڊسٽريز، ايجوڪيشن ويلفيئر جا نمائندا ڪميٽيءَ ۾ شامل آهن ۽ ان جو پهريون اجلاس 5 ڊسمبر 2018ع تي ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ۽ مدرسن ۽ ٻين سرڪاري تعليمي ادارن جي مانيٽرنگ ٽن شين کي ڪيو ويو، سورس آف فنڊ ۽ انهن جو استعمال يعني ڪٿان کان فنڊ اچي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪهڙي ريت استعمال ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ملڪن جا شاگرد جيڪي اتي پڙهي رهيا آهن انهن جون سندون ڪهڙيون آهن.ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل همايون عزيز چيو ته سرڪاري ۽ خانگي ادارن تحت هلندڙ سمورن تعليمي ادارن جي اسڪروٽني لازمي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فنڊن جي ريگيوليشن ۽ انسپيشن ۽ انهن جو استعمال ۽ نصاب جي به اسڪروٽني ٿيڻ گهرجي ۽ اسان ان ڳالهه جي پڻ اسڪروٽني ڪئي آهي ته اهي (تعليمي ادارا) ڪٿان فنڊ وٺي رهيا آهن ۽ انهن جو ڪٿي استعمال ڪندا آحن ۽ ڪيترا پرڏيهي شاگردن داخل آهن. نصاب ۾ ملڪ جي خلاف يا دهشتگريءَ جي حق ۾ ڪنهن به قسم جو مواد شامل نه هئڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته رڳو مدرسن جي نه ٿيندي بلڪه سڀني تعليمي ادارن جي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انويسٽيگيشن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دهشتگرديءَ ۾ ڪجهه مدرسن جا ٻار ملوث آهن پر ملڪ جي وڏن تعليمي ادارن جا ٻار پڻ ملوث رهيا آهن. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته مدرسن جي رجسٽريشن جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو جائزو وزارت قانون وٺندو. جيڪي مدرسا مکيه روڊن تي قائم آهن انهن جي منتقليءَ لاءِ انهن جي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. مدرسن کي مکيه روڊن تي قائم ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري نه ڪئي ويندي. ڪراچي سيف سٽي  بابت  اجلاس  کي  ٻڌايو ويو ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تي ٿي رهيو هو پر پي پي پي موڊ تحت اهو پروجيڪٽ ناهي ٿي رهيو. نادرا ۽ سيف سٽي تي ڪم ڪندڙ ٻين ادارن کي درخوست ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجو پروپوزل ڏين. وڏي وزير چيو ته سيف سٽي ۾ رڳو ڪيمرا نه بلڪه ان ۾ رسپانس تمام اهم آهي. اهي ڪيميرا داخلي ۽ خارجي هنڌن تي لڳايا ويندا. رسپانس ۾ پوليس، ٽريفڪ، فائر برگيڊ ۽ هر طرح جو رسپانس شامل هوندو. ڪور ڪمانڊر ڪراچيءَ چيو ته سائبر ڪرائم جو سسٽم اسان جو پنهنجو هئڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف کي درخواست ڪئي ويندي ته سنڌ حڪومت کي آرمي جي سائيبر سڪيورٽي ونگ کان مدد فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سيف سٽي پائيليٽ پروجيڪٽ جي طور تي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيون علائقائي پوليس ۽ ٻيا سڪيورٽي جا ادارا گڏجي فيصلو ڪندا.  سنڌ ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانون ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن. سي آر پي سي جي سيڪشن 30 تحت اسپيشل مجسٽريٽس اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو. ان ۾ 3 کان 7 سالن جي سزا ٻڌائي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم واري ڀوت کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان ۾ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بليڪ لسٽڊ تنظيمن جا 16 ڪيس آهن، جڏهن ته 19 جوابدارن آهن جن ۾ 3 کي سزا ڏني وئي آهي، 9 آزاد ۽ 7 خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي هلندڙ آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جوابدار جيڪي آزاد ٿيا آهن انهن خلاف اپيل فائيل ڪئي ويندي. انهن ڪيسن جو ٽرائل ۾ سزا ڏيندڙ سان گڏ جاچ پڙتال وارو ڪم گڏجي ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پراسيڪيوشن ۽ انويسٽيگيشن ۾ ڪوآرڊينيشن لاءِ رينجرز، جيل جو عملو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي نوان پروسيڪيوٽرز آهن انهن جي ٽريننگ ڪئي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاگهه چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو مڪمل ڪوآرڊينيشن کي مانيٽر ڪري ۽ منظم ڪيو وڃي. ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ – بلوچستان سرحد تي هڪ پوليس اسٽيشن قائم ڪيو ويو آهي ۽ 69 پوليس پوسٽون بڻايون ويون آهن، اتي 381 پوليس اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 10 موبائيل پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ فيصلو ويو ته ان پوليس اسٽيشن جي هفتيوار پروگريس رپورٽ حڪومت سان گڏ شيئر ڪئي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته متحده باني رهنما الطاف حسين جي نالي تي 62 عمارتون ۽ ٻيا ادارا هئا، اهي سمورا نالا مٽايا ويا آهن. اجلاس کي درگاهن جي سڪيورٽي بابت ٻڌايو ويو ته ته سمورين 1899 درگاهن جي سڪيورٽي آڊٽ ڪئي وئي آهي، جن ۾ اهم درگاهن جي سڪيورٽي بهتر ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته اسان 270 ملين رپيا جاري ڪيا آهن ته جيئن انهن تي سينسرز، سي سي ٽي وي ۽ ٻيون ضروري اوزار لڳائي سگهجن.ڪچي جي علائقن بابت اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪچي جي علائقن ۾ 110 پوليس اسٽيشن ۽ 50 چيڪ پوسٽون آهن جتي 3112 پوليس اهلڪار مقرر آهن. انهن پوليس وارن کي 87 موبائيلز ۽ 33 موٽرسائيڪلون ڏنيون ويون آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪچي جي علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو. وڏي وزير چيو ته ڪچي جي علائقن کي پلن ۽ روڊن ذريعي پڪي وارن علائقن سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته اسان ڪچي جي علائقن ۾ ڪميونيڪيشن کي بهتر ڪيو آهي ۽ درياهه جي ننڍن ٻيٽن کي به ڪچي جي اهم علائقن سان ملايو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ ڪچي جي علائقن جي ترقي تي ڪميٽي قائم ڪئي، ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن ۾ چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، آءِ جي پوليس شامل هوندا. وڏي وزير چيو ته ڪميٽي ڪچي جي علائقن کي پڪي وارن علائقن سان ڳنڍڻ، علائقي کي ترقي ڏيڻ ۽ شريف ماڻهن کي پيڪج ڏيڻ جي سفارش جوڙيندي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز سڄي صوبي جي سڪيورٽي آڊٽ ڪئي آهي، 15 ضلعن جي آڊٽ ڪئي وئي آهي ۽ ڪمزور هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ باقي رهيل ضلعن جي سڪيورٽي آڊٽ ٿي رهي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جتي به ڪمزورين جي نشاندهي ٿي آهي ان کي ٺيڪ ڪيو وڃي. ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نان سي پيڪ ۽ سي پيڪ رٿائن جي آڊٽ ڪئي وئي آهي. نان سي پيڪ 93 رٿائون آهن جتي 952 پرڏيهي ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت 2859 سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيا آهن، جن ۾ پوليس، آرمي، رينجرز، ايف سي شامل آهن. سي پيڪ جي 10 رٿائن تي 2878 پرڏيهي ڪم ڪري رهيا آهن انهن رٿائن تي 843 پرائيوٽ سڪيورٽي گارڊ به هائير ڪيا ويا آهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سي پيڪ رٿائن جي مئنيجمينٽ کي هدايت ڪئي وڃي ته اهي به 2859 پرائيوٽ سڪيورٽي گارڊ هائير ڪن. هن چيو ته اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته جيتري سڪيورٽي سرڪاري فورس جي هوندي اوترا ئي پرائيوٽ گارڊ رٿائن جي انتظاميا هائير ڪندي.سنڌ ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال سنڌ پوليس 12733 جوابدارن ۽ 601 گينگ برسٽ کي گرفتار ڪيو آهي. 97 بيحس جوابدارن کي مختلف انڪائونٽرز ۾ قتل ڪيو ويو آهي. پوليس 2 راڪيٽ لانچرز، هڪ سينپر رائيفل، 2 ايل ايم جي، 4 جي ٿري، 181 ايس ايم جي ۽ 8457 پسٽلز برآمد ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته ڪراچي ريجن جي پوليس 27 آتشگير مادا ۽ 205 بم يا دستي بم برآمد ڪيا آهن. نومبر 2018 تائين ڌاڙي دوران 47 مارجي ويا آهن جڏهن ته 2017 ۾ 55 ماريا ويا هئا. وڏي وزير هدايت ڏيندي چيو ته ڌاڙن کي هر حال ۾ ڪنٽرول ڪيو وڃي،. هن چيو ته پوليس اسٽيشن جي ڪارڪردگي بهتر هوندي ته اهي ڌاڙا ختم ٿي ويندا،. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته چائنيز قونصليٽ واري حملي ۾ ٽئي حملو ڪندڙ مارجي ويا. 23 جوابدارن کي نيشنل ايڪشن پلان تحت ڦاهي ڏني وئي آهي. اينٽي ٽيئرازم فنانسس يونٽ 2281 ماڻهن تي ڪم ڪيو ويو. ان يونٽ ۾ 1457 اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن. ۽ باقي ٽريننگ واري مرحلي مان گذري رهيا آهن. سال 18-2015 ۾ 101966200 رپيا برآمد ڪيا ويا ۽ 25 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا ۽ 41 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ 5 کي سزائون ڏنيون ويون آهن. ڪينائن يونٽ ۾ 45 ڪتا آهن جنلاءِ 12 ٽرينرز موجود آهن. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته رينجرز 2018 ۾ 4031 آپريشن ڪيا ۽ 2000 کان وڌيڪ گرفتاريون ڪيون. 2008 ۾ 4388 فور وهيلز چوري ڪيون ويون جڏهن ته 2018 ۾ اهو انگ 1100 تي اچي ويو آهي، 2008 ۾ 1465 گاڏيون ڦر ڪيون ويون جڏهن ته 2018 ۾ اهو انگ 165 آهي. ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته موٽر سائيڪل چوري ڪري سدائين ڪرائيم ۾ استعمال ڪيون ويون. اجلاس ۾ فيصلو ويو ته بازارن، شاپنگ مالز، فيڪٽرين ۽ ٻين ادارن کي پابند ڪيو ويندو ته اهي پنهنجن اپملائينز کي سڪيور موٽر سائيڪل پارڪنگ مهيا ڪن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2008 ۾ 27463 موبائل فون چوري ڪيا ويا ۽ 2018 ۾ اهو انگ 18486 آهي. 2008 ۾ 20946 موبائل ڦر ڪيا ويا جڏهن ته اهو انگ 13597 آهي اهي ٻنهي سالن کان گهٽ آهن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته موبائل فون جيڪو شخص خريد يا وڪرو ڪندو آهي ان جو ڊيٽا يعني اين آءِ سي دڪاندار ۽ ادارن وٽ هئڻ گهرجي. 2017 کان اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 3641 گرفتاريون ڪيون ويون. 2851 اسٽريٽ ڪرمنلز جو بريڪ اپ ڊي جي رينجرز ڏنو. ڊي جي رينجرز چيو ته انهن ۾ 648 ڊرگ پيڊلرز، 92 جيب ڪترا ۽ 50 گيملرز آهن. اسٽريٽ ڪرمنلز ۾ 43 سيڪڙو انڊر ميٽرڪ، 38 سيڪڙو اڻپڙهيل آهن ، 20 اسٽريٽ ڪرمنلز جي تعليم 6 سالن تائين آهي، 27 کي ستين، 695 اٺين پاس ۽ 10 بي ڪام پڙهيل آهن. ڊي جي رينجرز چيو ته اسان کي اسٽريٽ ڪرمنلز لاءِ سوشل اپ لفٽ جا ڪم ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڪراچي 68 نمبر تي آهي. 18-2017 ۾ سنڌ جي ٻهراڙين اندر ڏوهن ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي آهي،. پاڻي چوري جي رينجرز جي مدد سان 57 ايف آءِ آر رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن، اجلاس ۾ ٽريفڪ سگنل جي مرمت، روڊن جي پچ جو ڪم، اسٽاپ لائين ۽ زيبرا ڪراسنگ، قبضي کان خالي ڪرايل ايراضي جو صحي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 1400 کان وڌيڪ عوامي سهولتن جا پلاٽ خالي ڪرايا ويا آهن، انهن جو استعمال ڪيو وڃي ته جيئن انهن تي ٻيهر قبضو نه ٿي سگهي. ڌماڪي وارن مادي جو ڪاروبار ريگيولر نه آهي، ان لاءِ ڪم ريگيولرائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .  هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته پائيدار امن لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي سنڌ حڪومت ۽ ادارن جي ڪاوشن سان  سنڌ ۾ امن قائم ٿيو آهي، وڏن سازشي ڏوهن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اسٽريٽ ڪرائم ختم ڪنداسين ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳايا ويندا. هو اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويندو جنهن جو پهريون مرحلو پائيليٽ پروجيڪٽ هوندو جنهن جي شروعات ريڊ زون کان شروع ڪئي ويندي هن چيو ته حددخلين سان متاثر بيروزگار ماڻهن کي متبادل فراهم ڪيو ويندو حددخلين خلاف احتجاج ڪرڻ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو حق آهي پر جيڪڏهن ڪوبه قانون ٽوڙيندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ وزراعلٰي سنڌ جي ملاقات سٺي رهي ۽ وڏي وزير واضح ڪيو آهي ته سنڌ ۾ قانوني حڪومت موجود آهي ۽ اهڙا ڪم نه ڪيا وڃن جيڪي صوبائي حڪومت جي حدن جا  آهن. وڏي وزير جي وزيراعظم سان ملاقات ۾ گورنر سنڌ به موجود هو، صوبي جو سڀ کان وڏو اسٽيڪ هولڊر وزيراعلي آهي ۽ بهتر هجي ها ته وزيراعظم سان تاجرن جي ملاقات ۾ وڏو وزير به موجود هجي ها. صوبائي صلاحڪار  چيو ته جلدئي موبائيل فون جي رجسٽريشن وارو عمل به شروع ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته هي اپيڪس ڪميٽي جو 23هون اجلاس ڪوٺايو ويو هو ۽ اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هن ٻڌايو ته ڊي جي رينجرز سٺا انگ اکر ٻڌايا آهن ته ڪراچي جو ڳڻپ هاڻي دنيا جي 23هين شهر طور ٿيندو آهي هن ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائم کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي پهرين مرحلي ۾ موٽرسائيڪلن جي مارڪيٽن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽ ٻئين مرحلي ۾ موبائل چوري جي روڪ ٿام لاءِ انهن مارڪيٽن کي به ڏٺو ويندو جتي سيڪنڊهينڊ موبائل طور چوري ٿيل موبائل وڪرو ڪيا ويندا آهن. مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته اپيڪس ڪميٽي ۾ حد دخلين سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي لاءِ پڻ غور ويچار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي ريويو پٽيشن درج ڪري چڪي آهي. هن ٻڌايو ته سيف سٽي پراجيڪٽ جي ڏس ۾ ڪيمرائن کي پڻ بهتر ڪيو ويندو جڏهن ته سائبر ڪرائم تي پڻ ضابطو آندو  ويندو ۽ انهي سلسلي ۾ پاڪستان آرمي کان پڻ تعاون حاصل ڪيو ويندو. مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته اپيڪس ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ بلوچستان بارڊر تي پوليس چوڪيون ٺاهيون ويون آهن ۽ اتي مقرر اهلڪارن کي وڌيڪ هوشيار ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪچي وارن علائقن ۾ 110 پوليس اسٽيشنون  آهن ۽ 50 چيڪ پوسٽون قائم آهن جتي 3112 پوليس اهلڪار تعينات آهن، انهن پوليس اهلڪارن کي 87 موبائلون ۽ 33 موٽرسائيڪلون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪچي وارن  علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ۽ انھن کي پلن ۽ روڊن ذريعي پڪن  علائقن سان جوڙيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں