قومي اسيمبلي ۾ هنگامو، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، اسپيڪر اسد قيصر سڀني ميمبرن کي آخري وارننگ ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ چار وڳي شروع ٿيو، جيڪو ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. اجلاس شروع ٿيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به شروع ٿي وئي. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ايوان ۾ آيو ته تحريڪ انصاف جي راجا رياض هن طرف اشارو ڪندي چيو ته شينهن آيو، شينهن آيو، حقيقت اها آهي ته زخمي شينهن آهي. راجا رياض جي جملي تي نون ليگي ميمبرن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايوان ۾ نعريبازي به ڪئي. نواز ليگ جي رانا تنوير حسين راجا رياض کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڏسو اهو چمچو ڪنهن جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي. اسپيڪر اسد قيصر ٻنهي ميمبرن جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڪندي چيو ته سڀني ميمبرن کي آخري وارننگ ڏيان ٿو، ماحول خراب نه ڪيو وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں