شگر ملز مالڪن ڪمند جي نئين اگهه کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، منع نامي واري درخواست رد

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار طرفان مقرر ڪيل ڪمند جي نئين اگهه کي شگر ملز مالڪن  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر شگر ملز مالڪن طرفان سنڌ ۾ ڪڻڪ جي نئين اگهه بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. شگر ملز مالڪن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪڻڪ جي قيمتن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 7 ڊسمبر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، صوبائي حڪومت اجلاس ۾ مل مالڪن جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ اگهه مقرر ڪيو. ملز مالڪن جي وڪيل درخواست ڪئي ته قيمتن جي حڪومتي اعلان تي منع نامو جاري ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظفر پڇاڻو ڪيو ته توهان آبادگارن کي گذريل سال جي ادائيگي نه ڪئي، منع نامو ڇو گهري رهيا آهيو. جج چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪمند جا برابر اگهه مقرر ڪيا ويا آهن، پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي، عدالت شگر ملز مالڪن جي منع نامي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت زراعت واري سيڪريٽري کي 18 ڊسمبر تي طلب ڪندي ڪين ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں