ڪيدر ناٿ جي ڪاميابيءَ تي خوش آهيان: سارا علي

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي نياڻي سارا علي خان پنهنجي پهرين فلم” ڪيدرناٿ “ جي ڪاميابي تي تمام گهڻي خوش آهي ۽ اڳتي وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪندي نظر اچي ٿي. بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان تازو ئي ريليز ٿيل پنهنجي فلم ڪيدرناٿ کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملڻ تمام گهڻي خوش آهي. هن پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو سندس ڪم جي تعريف ڪري رهيا آهن ان سان هوءَ تمام گهڻي خوش آهي. اداڪارا چيو ته کيس هاڻ اندازو ٿي ويو آهي ته مداحن کيس پسند ڪري ورتو آهي هاڻ مان سڀني سان واعدو ڪريان ٿي ته ايندڙ پروجيڪٽن ۾ وڌيڪ محنت سان ڪم ڪنديس. اداڪارا هڪ ڀيرو وري بالي ووڊ ڇانيل اقربا پروري بابت چيو ته اهو هڪ تڪراري معاملو آهي پر اهو سڀ ڪجهه هئڻ باوجود مونکي پسند ڪيو ويو آهي ان تي مان خوش آهيان.  واضح رهي ته اڀيشيڪ ڪپور جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم ڪيدرناٿ ۾ سارا علي خان مڪو ۽ سوشانت سنگهه راجپوت منصور جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں