نينگري جي حياتي بچائڻ لاءِ پوري دنيا ۾ ناياب رت جي ڳولا

0Shares

نيويارڪ( فارين ڊيسڪ) ٻه ورهين جي پاڪستان ڄائي آمريڪي ٻارڙي جي حياتي بچائڻ لاءِ هڪ ناياب گروپ جي ضرورت آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا زينب مغل کي وڏي مقدار ۾ رت جي ضرورت آهي ۽ سندس رت جو گروپ دنيا جو ناياب ترين گروپ آهي، هينئر تائين هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي گروپ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي پر صرف ٽي ماڻهو اهڙا مليا آهن جن جو اهو ئي گروپ آهي، ٻه عطيو ڪندڙ آمريڪا جڏهن ته هڪ برطانيه مان مليو آهي.ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کيس زينب جي علاج لاءِ ست کان ڏهه عطيو ڪندڙن جي ضرورت آهي، زينب کي نيورو بلاسٽوما نالي مرض آهي جيڪو خاص طور تي ٻارن کي نشانو بڻائيندو آهي، جيستائين زينب جو علاج هلندو رهندو ان کي رت جي ضرورت پوندي رهندي.نينگري جي رت جو گروپ اهڙو آهي جيڪو صرف پاڪستاني، ڀارتي يا ايران ڄاون ماڻهن ۾ ملندو آهي جڏهن ته انهن ملڪن ۾ به صرف چار سيڪڙو ماڻهن جو اهو ئي گروپ آهي. علاج سان زينب جي رسولي گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي پر اڳتي هلي هڏي جي گوڏي جي ٽرانسپلانٽ جي به ضرورت پوندي، والد راحيل چيو ته منهنجي ڌيءَ جي زندگي جو دارومدار رت تي آهي، عطيو ڪندڙ زبردست ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مان انهن کي ڪڏهن به نه وساري سگهندس.آخر ان جو سبب ڇا آهي جو سمورا گروپ انگريزي اکر اي، بي، اي بي ۽ او جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن پر اهو گروپ هڪ شهر جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. بي بي سي موجب سڀ کان پهريان ان جي دريافت اولهه جي رياست مهاراشٽرا جي گادي واري هنڌ ممبئي ۾ ٿي هئي، ڊاڪٽر وائي ايم ڀينڊي 1952ع ۾ ان کي دريافت ڪيو هو.

0Shares
کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں