ڪپل شرما شادي ۾ بالي ووڊ مان رڳو ٻن ستارن کي دعوت ڏني

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) ڀارتي ٽي وي جي مزاحيه اداڪار ڪپل شرما پنهنجي شادي ۾ بالي ووڊ انڊسٽري مان رڳو ٻن ستارن کي دعوت ڏني آهي.  اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا کانپوءِ هاڻ ڀارتي ٽي وي جي مشهور ترين ڪاميڊين ڪپل شرما جي شادي جون تياريون جاري آهن. ڪپل پنهنجي گرل فرينڊ گيني ڇاٿراٿ سان 12 ڊسمبر تي شادي ڪندو پر تعجب جهڙي ڳالهه آهي جو ڪپل پنهنجي شادي ۾ بالي ووڊ مان رڳو ٻن ستارن اميتاڀ بچن ۽ سلمان خان کي دعوت ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪپل شرما جا بالي ووڊ جي سمورن  اداڪارن سان خوشگوار لاڳاپا آهن پر پوءِ به ڪپل شرما طرفان رڳو اميتاڀ بچن کي شادي ۾ دعوت ڏني وئي آهي. ڪپل جو بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ سان تمام گهڻو جذباتي لڳاءُ آهي تازو ئي ڪپل اميتاڀ بچن جي گيم شو ڪون بني گا ڪروڙ پتي ۾ شريڪ ٿيو هو جتي هن بگ بي کي پنهنجي شادي ۾ اچڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي اميتاڀ خوش دلي سان قبول ڪيو هو. ٻئي پاسي بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان دي ڪپل شرما شو کي پرڊيوس ڪري رهيو آهي تنهنڪري ڪپل کيس به پنهنجي شادي جو دعوت نامو ڏنو آهي،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں