اسلام آباد (بيورو) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ اقبال چيو آهي ته جيڪو ڪرپشن ڪندو ڀوڳيندو، نيب ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪندو.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جاويد اقبال چيو ته حڪومتون اينديون وينديونرهيون آهن ڪنهن به حڪومت کي اهو احساس نه ٿيڻ گهرجي ته نيب اسان طرف ڇو ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومتي نظام ۾ ڪامورا شاهي ڪرنگهي جي هڏي آهي پر ڪرنگهي جي هڏي خراب ٿي پئي ته ٿراپي ڪرڻي پوندي آهي، جنهن ڪرپشن ڪئي آهي تنهن کي احتساب ڏيڻو پوندو، شاهه کان وڌيڪ شاهه وفادار نه هئڻ گهرجي. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ملڪ 95 ارب ڊالر جو قرضي آهي، جڏهن زميني حقيقتون ڏسون ٿا ته اسپتالن، شهرن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ 95 ارب ڊالر نظر نه ٿا اچن ڪٿي خرچ ٿيا، ڪئين خرچ ٿيا، جيڪڏهن پڇو وڃي ته ڪهڙي گستاخي ٿي وئي آهي. هن چيو ته ماڻهو 30 کان 35 سالن تائين اقتدار ۾ رهيا، هو شايد وساري ويٺا آهن ته هي مغل دور ناهي، نيب جو قانوني حق آهي ته پڇاڻو ڪري ته توهان ائين ڇو ڪيو، جڏهن به پڇاڻو ڪيو ته اها ڳالهه نظر ۾ رکي ته ڪنهن جو بنيادي حق مجروح نه ٿي. سندس چوڻ هو ته اعليٰ اختيارين کي احساس ڏيارن ۾ ڪامياب ضرور ٿيا آهيون ته جنهن ڪرپشن ڪئي تنهن کي جواب ڏيڻو پوندو، گهڻو پري جي ڳالهه ناهي چيو هو ته نيب ڪجهه ناهي، جنهن چيو هو کين هاڻي ڪنهن حد تائين پڪ ٿي وئي آهي ته مئل وڻ ۾ جان اچي وئي آهي، نيب ڪنهن حد تائين وڻ بڻجي ويو آه جنهن جا ڏار به اچي ويا آهن. نيب چيئرمين چيو ته جڏهن به ڪنهن کان پڇا ڪئي ته خبر پئي 5 لک جي جاءِ تي 50 لک ۽ 50 لک جي جاءِ تي 50 ڪروڙ رپيه خرچ ڪيا ويا آهن، اهو غريب ماڻهن جو پئسو آهي، اهڙن ماڻهن کي ڏٺو جن وٽ 70 سي سي جي بائيڪ هئي ۽ اڄ وٽن وڏا وڏا ٽاور آهن، اهڙن ماڻهن کان جيڪڏهن قومي ناڻي بابت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو گناهه ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام معصوم ۽ سادو ناهي، کيس اوندهه ۽ روشني جي خبر آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟