ڪراچي (چيف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي حددخليون آپريشن ۾ ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي آچر تي وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ گورنر هائوس ۾ ون ٽو ون ملاقات ۾ صوبي جي سياسي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ اتحادي جماعتن سان ورڪنگ رليشن شپ، ترقياتي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ته عمران اسماعيل وزيراعظم کي گلستان جوهر ڌماڪي جو تفصيل به ٻڌايو وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت ڪراچي سميت صوبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آحي ڪراچي کي ان جو وقار ۽ ٻيهر معاشي ترقي طرف آڻڻو آهي هن چي وته وفاق جي سهڪار سان هلندڙ منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا صوبي ۽ وفاق ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏني ويندي ۽ واپارين جا خدشا ۽ مسئلا ختم ڪيا ويندا سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ کان ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي دهشتگردن کي هر صورت ۾ وائکو ڪيو ويندو عمران اسماعيل وزيراعظم عمران خان کي شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، واپارين جا مسئلا ۽ عوام ۾ وڌندڙ بيچيني کان به ڄاڻ ڏني. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان آچر جي منجهند اٽڪل ڏيڍ وڳي ڪراچي پهتو ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس استقبال سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو ايئرپورٽ تان وزيراعظم عمران خان هيليڪاپٽر ذريعي ڪامرس ڪاليج جي گرائونڊ پهتو جتان هو گاڏي ۾ گورنر هائوس پهتو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس هي ڪراچي جو ٻيو دورو آهي. ڪراچي پهچڻ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ايئرپورٽ کان گورنر هائوس سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپ ڪري رهيا آهن ۽ هتي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن، هن چيو ته حڪومت هڪ مختلف سوچ کڻي آئي آهي. بزنس ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ چاهيون ٿا اوهان وٽ ان لاءِ آيو آهيان ته اوهان ڪجهه تجويزون ڏيو ان موقعي تي اسٽاڪ ايڪسچينج جي وفد پهرين ملاقات ۾ وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ۽ ملڪ ۾ مالي استحڪام ۽ سٺي ڪارڪردگي تي حڪومت جي مالياتي ٽيم جي تعريف ڪئي. وفد وزيراعظم کي اسٽاڪ بروڪرز ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي حوالي سان ٻين معاملن تي آگاهه ڪيو ۽ مالياتي استحڪام لاءِ تجويزون ڏنيون. ڪيتريون ئي تجويزون منظور ڪيون ويون ذريعن موجب وفد پاران حڪومت جي مالياتي پاليسي تي مڪمل سپورٽ جي خاطري ڪرائي وئي. ملاقات ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي جو استعمال، غيرقانوني ادائگين جي روڪٿام تي اتفاق ڪيو ويو ان موقعي تي ناڻي وزير اسد عمر ، مخدوم خسرو بختيار، فيصل واوڊا ، علي زيدي، خالد مقبول صديقي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، مملڪتي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وزيراعظم جو اسپيشل اسسٽنٽ نعيم الحق ۽ افتخار دراني به موجود هو. ٻئي طرف گورنر هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان پارٽي اڳواڻن عمران اسماعيل، خرم شير زمان، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، فيصل واوڊا، علي زيڊي ۽ ٻين پڻ ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ملاقات دوران اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي ڪراچيءَ ۾ حددخلين خلاف جاري آپريشن بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟