شگر ملز مالڪن کي ڪمند جي اگهه تي خدشا آهن ته ڳالهيون ڪيون وينديون: اسماعيل راهو

0Shares

بدين (ڊر) زراعت  کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته شگر ملز مالڪن سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل اگهه بابت ڪي خدشا آهن ته انهن سان ڳالهيون ڪيو وينديون ۽ سندن خدشا ختم ڪيا ويندا جڏهن ته هن وقتڪمند جو اگهه مقرر ٿيڻ بعد ڪجهه شگر ملن چمنون ٻاري ڇڏيون آهن اهڙو اظهار هن پ پ پ اڳواڻ علي احمد جوکيو ۽ ڪالم نگار محمد موسيٰ جوکيو جي ڀيڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي اسير ڪامريڊ عبدالغني جوکيو جي والده جي وفات تي عذرخواهي ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو محمد اسماعيل راهو وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته  بدين ۾ ضلع جي 68 آفت سٽيل قرار ڏنل ديهن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست جو ڪم جاري آهي ۽ اڃان ڪجهه وڌيڪ ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ لک پڙه جاري آهي هن چيو ته بدين سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو وڏو مسئلو آهي اڳ ۾ ڪوٽڙي بئراج ۾ کوٽ هوندي هئي پر هاڻ سکر بيراج جي پوڇڙ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري آباديون متاثر ٿي رهيون آهن هن آبادگارن کي صلاح ڏني ته پاڻي کي زيان ٿيڻ کان بچايو وڃي هن وڌيڪ چيو ته پاڻي کوٽ واري مسئلي تي پ پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري پاڻي ماهرن سان گڏجاڻي ڪئي آهي جلد پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر حاجي تاج محمد ملاح پروفيسر عبدالله ملاح جان محمد انصاري ستار چانڊيو ٻيا اڳواڻ موجود هئا

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں