پاسما ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاسما ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان، آبادگارن جو ڌرڻي جو چتاءُ.خبر موجب سنڌ سرڪار ڪمند جي مقرر ڪيل 182 رپيا في مڻ اگهه تي عمل ڪرائي نه سگهي پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (پاسما) ڪمند جو سرڪاري اگهه 182 رپيا في مڻ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، پاسما پاران سرڪاري فيصلي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي آبادگارن ڪمند جو 240 رپيا في مڻ اگهه ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪمند جو اگهه 240 رپيا في مڻ نه ڏنو ويو ته ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين ۽ حڪومت اڃا تائين شگر ملون به چالو نه ڪرائي سگهي آهي، شگر ملز مالڪ ڪمند جو گهٽ اگهه ڏئي رهيا آهن، جيڪو نه وٺنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں