مس ورلڊ جو مقابلو: ڀارتي سندري ٽائيٽل تي نظرون ڄمائي ورتيون

0Shares

بيجنگ(شوبز نيوز): ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر مس ورلڊ جي ٽائيٽل تي نظرون ڄمائي ورتيون، ڀارتي مس انڊيا ۽ مس ورلڊ جي مقابلي جي دعويدار انوڪريٿي واس پراميد آهي ته ملڪ لاءِ مس ورلڊ جو ٽائيٽل ضرور حاصل ڪندي. تفصيل موجب مانوشي طرفان ڀارت لاءِ 2017ع ۾ مس ورلڊ جو خطاب کٽڻ کانپوءِ هن ڀيري اميد ڪئي پئي وڃي ته انوڪريٿي ملڪ لاءِ اعزاز کي ٻيهر حاصل ڪندي. مس ورلڊ جي مقابلي جي شروعات اڄ چين ۾ ٿي وئي آهي جتي 18 ٻين ملڪن جون ماڊلز به مقابلي ۾ حصو وٺي رهيون آهن پر اميد ڪئي پئي وڃي ته شايد انوڪريٿي هن ڀيري ڀارت کي ڪامياب ڪرائي سگهي ٿي. انوڪريٿي تامل ناڊو سان  تعلق رکي ٿي ۽ هن فرانسيسي ٻولي ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪري رکي آهي، مس ورلڊ 2018ع جو مقابلو چين جي شهر ثنيا ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، مس ورلڊ جي مقابلي ۾ بنگلاديش، چلي، فرانس، انڊونيشيا، جاپان، ملائيشيا، ماريش، ميڪسيڪو، نيپال، نيوزيلينڊ، سنگاپور، ٿائيلينڊ، يوگنڊا، آمريڪا، وينزويلا ۽ ويٽنام مان ماڊلز حصو وٺي رهيون آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں