ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تاريخي فيصلو ڪندي رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ۽ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي نئين سکر بئراج ۽ سنڌو درياهه تي گڊو ۽ سکر بئراجن وچ ۾ چينلائيزيشن جي فزيبلٽي تيار ڪئي وڃي. هن اهو فيصلو ڇنڇر ڏينهن سنڌو درياهه تي گڊو ۽ سکر بئراجن وچ ۾ چئنلائيزيشن ۽ نئين سکر بئراج جي تعميرجي حوالي سان رٿيل هڪ خاص اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم اين اي خورشيد شاهه ۽ پاڻيءَ جي ماهر ادريس راجپوت خاص طور تي شرڪت ڪئي. اجلاس جي ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، سيد ناصر شاهه، وڏي وزير جو آبپاشيءَ بابت خاص معاون اشفاق ميمڻ، اڳوڻو ايم پي اي نصرالله بلوچ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ۽ آبپاشي کاتي جا چيف انجنيئرز شامل هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌوءَ تي گڊو ۽ سکر بئراجن وچ ۾ چئنلائيزيشن ڪرڻ سان پاڻيءَ جي نقصان ۾ گهٽتائي، پاڻيءَ جي چوري تي ضابطو کاري پاڻي ۽ علائقي ۾ پوندڙ گهارن کان تحفظ فراهم ٿيندو. واضح رهي ته گڊو ۽ سکر بئراجن وچ ۾ 180 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو آهي ۽ درياهه جي ويڪر 12 کان 20 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي. نون بندن (ڪنارن) سان نه رڳو درياهه جي ويڪر گهٽ ٿيندي پر 5 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين پوکيءَ لاءِ دستياب ٿيندي. ڪنڪريٽ چينل جي بدولت پاڻيءَ جي نقصانن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ ان جو ڪاٿو 5 کان 8 سيڪڙو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته درياهه جي پوري بيلٽ جي چئنلائيزيشن ڪرڻ جي بدران درياهه جي ڪجهه حصن کي چينلائيز ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته رٿا تي ايندڙ ڳري لاڳت ۽ پاڻي جي وهڪري ڪري سنڌوءَ درياهه جي پوري بيلٽ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن تي نوان رستا قائم ڪرڻ تمام اهم آهن. درياهه جي چينلائيزيشن انهن علائقن ۾ ڪئي ويندي جتي اڪثر ڪري گهارا پوندا آهن. اجلاس ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته چائنيز کي درياهن ۽ واهن جي چينلائيزيشن تي خاص مهارت حاصل آهي انڪري رٿا جي فزيبلٽيءَ لاءِ انهن سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ واري اجلاس جيڪو 20 ڊسمبر تي ٿيندو ان ۾ سنڌو درياهه تي گڊو ۽ سکر بئراجن لاءِ ڪاغڊي ڪارروائي ڪئي وڃي. نئون سکر بئراج اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سکر بئراج پنهنجي لاجيڪل مدو پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ان جي لائيف ۾ وڌيڪ 30 سال واڌ لاءِ وڏي پئماني تي مرمت ۽ اوو هالنگ ڪئي وئي آهي جتيوڻيڪ هڪ نئون بئراج سکر ۾ تعمير ڪرڻ تمام ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته نئين سکر بئراج جي تعمير لاءِ اسٽڊي اڳئي ڪئي وئي آهي، هاڻ بئراج جي اصل الائيٽمينٽ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ گهرجي پئي ۽ ڪم جي تڪميل لاءِ ٽائيم فريم رپورٽ فريم گهرجي، ٻئي صورت ۾ ان جي خرچ ۾ واڌ ٿيندي. وڏي وزير چيو ته موجوده سکر بئراج جي انهيءَ ڪيچمينٽ علائقن کي برقرار رکڻ لاءِ اسٽڊي پڻ ڪئي ويندي ته جيئن فزيبلٽي رپورٽ ۾ ان رخ جو به احاطو ڪيو وڃي. هن چيو ته غور ويچار ۽ اسٽڊي ڪئي ويندي ۽ ان بعد فيصلو ڪيو ويندو ته ڪهڙي ريت بئراج تعمير ڪيو وڃي. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هُو فزيبلٽي رپورٽ جي تياريءَ لاءِ ضروري منظوري وٺي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟