راولپنڊي (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پاڪستان ۾ علاج اهو ئي ڪرائي سگهي ٿو جيڪو مالدار يا بااثر هجي جڏهن ته غريبن جو سٺوعلاج نه ٿيندو آهي. راولپنڊي ۾ هارٽ اسٽروڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته تڪليف جي ڪا زندگي نه هوندي آهي، امڙ جي بيماري منهنجي حياتي جي تڪليف واري ڳالهه هئي، مان ڏٺو ته ملڪ ۾ علاج اهو ئي ڪرائي سگهي ٿو ته جيڪو مالدار هجي يا وري بااثر هجي، تنهن ڪري صحت جي شعبي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هر غريب جو علاج سولو ٿي سگهي، مان سپريم ڪورٽ جي ججن کان به چندو وٺي اسپتالن کي ڏنو. هن چيو ته معاشري جي بيمار ماڻهن جي علاج تي ڌيان ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر غريبن جو سٺو علاج نه ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ اهو سندن قانوني حق آهي. سندس چوڻ هو ته اسپتالن ۾ ڏٺو ته علاج جا بنيادي اوزار ئي نه آهن، وينٽي ليٽر خراب هئا، جيڪي درست هئا اهي رڳو سفارشين لاءِ هئا، ڪو امير هجي ته غريبن کي لڳل وينٽر ليٽر لاهي امير کي لڳايو ويندو هو، ڪي پي جي اسپتالن ۾ ويس ته ڏٺو 3، 3 مريض هڪ بستر تي هئا، اها حڪومت جي مڪمل ناڪامي آهي. چيف جسٽس چيو ته صحت جي شعبي ۾ حڪومتي فنڊ تمام گهٽ آهن اهي به درست استعمال نه ٿيندا آهن، هاڻي ميڊيڪل جي تعليم تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري وئي آهي پر اسان عطائي گهڻا پيدا ڪري رهيا آهيون، خانگي ميڊيڪل اسپتالن جو معاملو ڏٺو ته ٻڌايو ويو ته پڙهائڻ وارو ئي ڪير ناهي پر هو ڊاڪٽر ٿين ٿا. هن چيو ته مان اهو ڏسي ڊڄي ويس ته اسان ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون، سينٽر ڊاڪٽرن جي ذميواري آهي ته معاملي تي نظر وجهن، دوائن ۽ علاج جو خرچ مقرر ڪيو وڃي، ڊالر جي قيمت وڌڻ سان اگهه ٻيهر به ڏسن ته جيئن ڊالر سان هم آهنگ ٿي سگهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟