لاهور (بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مون کي اطلاعات واري وزارت سنڀالڻ جو چيو آهي ته لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحافي جي سوال تي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سان 4 گڏجاڻيون ٿيون وزيراعظم مون کي چيو ته وزارت اطلاعات ۾ اچو. فواد چوڌري بابت سوال تي هن چيو ته هو لنڊن ۾ 8 ڏينهن کان پڪنڪ تي آهي ان کي چيو اهي ته واپس اچي وڃي. شيخ رشيد وري يوٽرن وٺندي چيو ته مان ريلوي ۾ خوش آهيان. پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندس. دنيا هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي پر فواد چوڌري جي جاءِ نه وٺندس. هن چيو ته ڪو ائين نه سوچي ته آئون فواد چوڌري جي خلاف آهيان. هو بهترين وزير آهي. فواد چوڌري جو سپورٽر آهيان. لنڊن پڪنڪ واري ڳالهه مذاق ۾ ڪئي. فواد چوڌري کي فون ڪري چيو آهي ته واپس اچو اوهان جي ضرورت آهي. شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم کي اختيار آهي ته 3 سالن کانپوءِ چونڊون ڪرائي يا وري 6 مهينن کانپوءِ، چونڊون جلد ڪرائڻ سان ڪا قيامت نه ايندي، پاڪ فوج حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته اڳوڻي حڪومت جي وڏي غلطي هئي جو اها پنهنجي قد کان وڏا ڪم ڪري رهي هئي، هر ماڻهو نواز شريف کي سمجهايو ته پنهنجي قد کان وڏو ڪم نه ڪيو. هن چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز شريف جي ڊيل نه ٿي آهي، تنهنڪري هن خاموشي ٽوڙي آهي.شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف اين آر او لاءِ تڙپي رهيو آهي، شهباز شريف لاءِ طبي رپورٽ اچي ٿي ته ڇت کليل هجڻ گهرجي، اي سي لڳل هجڻ گهرجي، قيد ۾ بسترو هجي ۽ ناشتو بهترين ڏنو وڃي. شيخ رشيد چيو ته 31 ڊسمبر کانپوءِ اسان وٽ ٽڪيٽ جي گنجائش نه هوندي، 2 مال گاڏيون هلندڙ مهيني شروع ڪري رهيا آهيون، ٻنهي مال گاڏين تي ڪنٽينر آڻڻ جي سهولت هوندي.هن چيو ته فريٽ ٽرينن ۾ خانگي ڪمپنيون دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آهن، هو اڳتي اچن، ايم ايل ٽو ۽ ٿري ۾ اسان جي انجنيئرنگ ڪور دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، ڪوشش هوندي ته ايل ٽو ۽ ٿري به ميدان تي آڻيون. شيخ رشيد چيو ته 31 ڊسمبر تائين ايم ايل ون جو فيصلو ٿي ويندو، سمورين ريلوي پٽڙين کي تبديل ڪيو ويندو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟