12 مئي سانحو ڪيس: وسيم اختر سميت 21 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، ڏوهه قبولڻ کان انڪار

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت سانحي 12 مئي 2007 جي ٻن ڪيسن ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدارن ڏوهه جو اعترف ڪرڻ کان/ انڪار ڪري ڇڏيو آهي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ڇنڇر تي عدالت ۾ ڄاڻايل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي عدالت ٻن ڪيسن ۾ وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏهن ته سمورن جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جوابدارن  جي وڪيلن اعتراض ڪندي چيو ته ڪيسن جي منتقلي جي درخواست ڏيئي چڪا آهن انهن جو موقف هو ته درخواست جي فيصلي تائين فرد جرم ملتوي ڪيو وڃي عدالت وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن جو اعتراض رد ڪري ڇڏيو فرد جرم لاڳو ٿيڻ تي وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو 12 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ عمير صديقي گرفتار، وسيم اختر سميت 19 جوابدار ضمانت تي جڏهن ته 20 جوابدار روپوش آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں